Privacy Policy

آن لائين اسڪول ميگزين

رازداري ۽ ادارتي پاليسي

گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو

تعليمي، تحقيقي، تخليقي ۽ علمي مواد لاءِ هڪ محفوظ، ذميوار ۽ معياري آن لائين پليٽ فارم

تعارف

گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو پاران جاري ڪيل هي آن لائين اسڪول ميگزين هڪ خالص انفارميٽو، تحقيقي ۽ علمي پليٽ فارم آهي. هن پليٽ فارم جو بنيادي مقصد اسڪولن ۾ ٿيندڙ تعليمي، ثقافتي ۽ هم نصابي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ، شاگردن ۽ استادن ۾ جديد تعليمي ڄاڻ ۽ تجربن ذريعي تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ اسان جي علائقائي تعليم کي عالمي علمي فورمن سان روشناس ڪرائڻ آهي.

01 ادارتي پاليسي

الف) مواد جي نوعيت

  1. هي ميگزين مڪمل طور تي غير سياسي هوندو. ڪنهن به سياسي جماعت، شخصيت يا سياسي نظريي جي حق يا مخالفت ۾ ڪو به مواد شايع نه ڪيو ويندو.
  2. ڪنهن به مذهب، مسلڪ، فرقي يا ڪنهن به ملڪ جي خلاف نفرت انگيز، توهين آميز يا اشتعال انگيز مواد شايع ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي.
  3. ذاتي حملا، ڪردار ڪشي ۽ ذاتيات تي ٻڌل مواد شايع نه ڪيو ويندو.

ب) قابل قبول مواد

ميگزين ۾ هيٺين موضوعن سان لاڳاپيل معياري مواد قبول ڪيو ويندو:

  • نج تعليمي ۽ تحقيقي مضمون
  • سائنس، ماحوليات ۽ ٽيڪنالاجي
  • سماجي ۽ ثقافتي موضوع
  • ٻارن جون تخليقي لکڻيون، ڪهاڻيون ۽ نظم
  • شاگردن جون مصوريون ۽ تخليقي فن پارا

02 تخليقيت ۽ AI پاليسي

اهم ادارتي پاليسي

شاگردن جي پنهنجي تخليقي صلاحيت کي اوليت

اسڪول ميگزين جو اصل مقصد نوجوانن ۾ تخليقي صلاحيتن (Creative Skills) کي اجاگر ڪرڻ آهي، تنهنڪري:

  • ميگزين ۾ صرف شاگردن ۽ استادن جو پنهنجو تخليقي مواد ۽ معياري ترجما شامل ڪيا ويندا.
  • هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence) جي مدد سان مڪمل طور تي تيار ڪيل مضمون، ڪهاڻيون ۽ آرٽيڪل شايع نه ڪيا ويندا.
  • جيڪڏهن ڪنهن مواد بابت اهو ثابت ٿئي ته اهو مڪمل طور تي AI ذريعي تيار ڪيو ويو آهي، ته ادارت کي اهو مواد شايع نه ڪرڻ يا هٽائڻ جو حق حاصل هوندو.
  • اسان چاهيون ٿا ته ٻار پاڻ سوچين، پاڻ لکن ۽ پاڻ سوال ڪن — ڪاپي پيسٽ يا AI تي مڪمل ڀاڙڻ بدران پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي وڌائين.

03 رازداري پاليسي

الف) شاگردن جي ڊيٽا

ميگزين تي شاگردن جو نالو، ڪلاس ۽ سندن تخليقي ڪم صرف اسڪول انتظاميا ۽ والدين جي اجازت سان شايع ڪيو ويندو. ڪنهن به شاگرد جو ذاتي رابطي نمبر، گهر جو پتو يا ٻي حساس معلومات ظاهر نه ڪئي ويندي.

ب) ڪاپي رائيٽ

هن ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد بابت ليکڪ جي حقن ۽ اداري جي اشاعتي پاليسي جو احترام ڪيو ويندو. ڪو به مواد ليکڪ جي نالي سان شايع ڪيو ويندو ۽ بغير اجازت جي ٻيهر شايع يا نقل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

ج) تبصرا

پڙهندڙن جا تبصرا مهذب، تعليمي ۽ موضوع سان لاڳاپيل هجڻ گهرجن. غير اخلاقي، توهين آميز، نفرت انگيز يا غير متعلق تبصرا ختم ڪرڻ جو حق ادارت وٽ محفوظ هوندو.

اهم نوٽ: ميگزين ۾ موڪليل مواد جي اشاعت جو حتمي فيصلو ادارتي ڪاميٽي ڪندي. ادارتي معيار، موضوع جي مناسبت ۽ پاليسي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪنهن به مواد کي رد يا ترميم لاءِ واپس موڪلي سگهجي ٿو.

ادارت سان رابطو

جيڪڏهن توهان کي هن پاليسي، مواد موڪلڻ يا ميگزين بابت ڪو سوال هجي ته توهان اسڪول انتظاميا يا آن لائين ميگزين جي ادارتي ڪاميٽي سان رابطو ڪري سگهو ٿا.

ڪريئٽو ۽ ادارتي ٽيم

اقبال جوڻيجو ڪاشف ٽالپور اسلم آزاد حنين حسن بدر ڪيريو جميل ميمڻ نظرمحمد ٺاراڻي علي ڀاءُ
پاران: ادارتي ڪاميٽي — آن لائين اسڪول ميگزين، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو

Submit Article

GBHSS Haji Junejo

Online School Magazine

Share your educational articles, creative writing, achievements, ideas and informative content with our school community.

✍️
Submit Your Article Complete the form below carefully. Your article will be reviewed by the editorial team before publication.
Please complete the required fields.
Please select your image(s) to upload.
GBHSS Haji Junejo   •   Online School Magazine
Every submission is reviewed before publication.