علي المرتصيٰ (شهرزادو) ميمن (1)

جديد دور ۾ سائنس جي اھميت

علي المرتضيٰ (شھزادو) ميمڻ

سائنسي تحقيق ۽ جديد دور جي ترقيءَ جو بنياد

سائنس موجوده دور جي ترقيءَ جو بنياد آهي. اڄ جو زمانو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو زمانو سڏجي ٿو. انسان پنهنجي ذهانت، محنت ۽ سائنسي تحقيق جي ذريعي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. سائنس نه رڳو انسان جي زندگيءَ کي آسان بڻايو آهي، پر دنيا کي ترقيءَ جي نئين راهه تي پڻ گامزن ڪيو آهي

جديد دور ۾ سائنس اسان جي روزمره زندگيءَ جو اهم حصو بڻجي چڪي آهي. بجلي، موبائل فون، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ٽيليويزن ۽ جديد ٽرانسپورٽ سائنس جا اهم تحفا آهن. اڄ انسان هزارين ميل پري ويٺل ماڻهن سان چند سيڪنڊن ۾ رابطو ڪري سگهي ٿو. انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي مختلف علائقن جي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙيءَ طرح سائنس وقت ۽ فاصلي جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو آهي

تعليم جي ميدان ۾ سائنس

ڊجيٽل ڪلاس روم ۽ ڪمپيوٽر ذريعي جديد تعليمي سکيا

اهڙي طرح تعليم جي ميدان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ اهم انقلاب آندو آهي. جديد تعليمي طريقن، ڊجيٽل ڪتابن، آن لائين ڪلاسن ۽ تعليمي وڊيوز ذريعي شاگرد پنهنجي علم ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ استادن ۽ شاگردن لاءِ سکيا جا نوان دروازا کوليا آهن

اڄ جي شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو سائنس جي تعليم حاصل ڪن، سوال پڇن، تحقيق ڪن ۽ نيون شيون سکڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته مستقبل جي ترقيءَ جو دارومدار علم، تحقيق ۽ تخليقي سوچ تي آهي

طب ۽ صحتي شعبو

جديد طبي تحقيق، ڏکين بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج

طب جي شعبي ۾ پڻ سائنس انسانيت لاءِ وڏيون سهولتون پيدا ڪيون آهن. جديد مشينن، دوائن، ويڪسينن ۽ طبي تحقيق جي مدد سان ڪيترين بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج ممڪن ٿيو آهي

زراعت ۽ آبپاشي

جديد زرعي مشينري ۽ آبپاشيءَ جا سائنسي طريقا

اهڙيءَ طرح زراعت جي شعبي ۾ جديد مشينري، بهتر ٻج، آبپاشيءَ جا نوان طريقا ۽ سائنسي تحقيق زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ لاءِ سائنس جي مدد سان زراعت کي ترقي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي

سائنس ۽ ماحولياتي تحفظ

شمسي توانائي ۽ پائيدار توانائيءَ جا وسيلا

جيتوڻيڪ سائنس انسان کي ڪيتريون سهولتون ڏنيون آهن، پر جديد دور ۾ ماحولياتي آلودگي، موسمي تبديلي ۽ قدرتي وسيلن جي کوٽ جهڙا مسئلا به اسان جي سامهون آهن. انهن مسئلن جي حل لاءِ سائنسي تحقيق، وڻڪاري، شمسي توانائي ۽ پاڻيءَ جي مناسب استعمال کي هٿي ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آهي

اسان کي گهرجي ته سائنس جي فائدن مان لاڀ حاصل ڪرڻ سان گڏ ماحول جي حفاظت کي به پنهنجي ذميواري سمجهون

نوجوانن جو ڪردار ۽ روشن مستقبل

نوجوان ڪنهن به قوم جو قيمتي سرمايو هوندا آهن. جيڪڏهن نوجوانن کي معياري سائنسي تعليم ۽ تحقيق جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ته هو ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا

اسان جي شاگردن کي گهرجي ته هو رڳو ڪتابي علم تائين محدود نه رهن، پر عملي تجربن، سائنسي منصوبن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ به دلچسپي وٺن. سندن اندر تجسس، تخليقي سوچ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي

آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته سائنس جديد دور جي ترقيءَ جي ڪنجي آهي. اها انسان کي سوچڻ، سمجهڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ڳولڻ سيکاري ٿي. قومون علم ۽ سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائينديون آهن

اسان جو عزم هجڻ گهرجي ته علم کي عام ڪريون، سائنس کي هٿي ڏيون ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي جديد تعليم سان آراسته ڪريون، ته جيئن پاڪستان ترقي يافته، خوشحال ۽ مضبوط ملڪ بڻجي سگهي

"سائنس علم جي روشني آهي، ۽ علم ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي"

علي المرتضيٰ (شھزادو) ميمڻ

JEST

GBHSS HAJI JUNEJO

 

gallery_image_20261016_114716-edited

نئون آغاز

عروسہ عابد

سنڌ جي اڳوڻي تخت گاھ تاريخي شھر ٺٽي جو ھڪ يادگار، ڄاڻ ڀريو ۽ سکيا وارو سفر تڏهن ممڪن بڻجي سگهيو جڏھن اسان کي نئين صبح فائونڊيشن پاران ڪرايل ٻن مهينن جي مفت بنيادي ڪمپيوٽر ڪورس جي پڄاڻيءَ تي ٿيندڙ ميگها ايونٽ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي. اسان جي اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ قائم سينٽر مان Top Ten پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد 27 آگسٽ تي صبح جو پنهنجي اسڪول جي پرنسپال سيد عمران شاھ ۽ ٻين استادن جي اڳواڻي ۾ روانا ٿياسين

. اسان پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ زم زم ڊائمنڊ ھال ٺٽہ ۾ پهچي وياسين. هن پُر وقار ۽ شاندار تقريب جو مھمانِ خاص ڪمشنر حيدرآباد محترم فياض حسين عباسي هئا. ان کان علاوه نئين صبح فائونڊيشن جو چيئرمين سر شھزاد ميمڻ ۽ ٻيا ضلعي ۽ تعلقہ آفيسر پڻ هن پروگرام ۾ آيل هئا. استادن ۽ اڳواڻن اسان کي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ، محنت ڪرڻ سماجي ذميوارين بابت تمام گهڻيون اھم ۽ ڪارائتيون ڳالھيون ٻڌايون. ڊجيٽل دور جي گھرجن، فائدن ۽ نقصانن بابت پڻ آگاھ ڪيو.

پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان سنڌ تاريخي ماڳ مڪلي تي گهمڻ وياسين. استادن اسان کي ٻڌايو ته مڪلي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل تاريخي ماڳ آھي. عبدﷲ شاھ اصحابي جي درگاھ ۽ ٻين مقبرن جي اڏاوت توڙي انهن تي ٿيل چٽسالي ۽ اُڪر وارو ڪم ڏسي، سنڌ جي عظيم تھذيب سان شناسائي ٿي مڪلي کان پوءِ اسان تاريخي شاھجھان مسجد ڏسڻ وياسين.

سانجهي ٿيڻ واري هئي، نماز جو ٽائيم ويجهو هئڻ ڪري اسان جلدي جلدي مسجد ڏسي ٻاهر پارڪ ۾ آياسين. جتي سر اقبال جوڻيجي پاران اسان جي لاءِ کاڌي پيتي جو ارينج ڪيو ويو هو. هن ھڪ ڏينھن جي اسڪولي ٽوئر دوران اسان کي تمام گهڻو سکڻ لاءِ مليو

Thank you sir Iqbal Junejo, Thank you sir Hunain Hassan, Thank you Naeen Subha Foundation

عروسا عابد

نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي

جشن آزادي واري پروگرام ۾ ضلع ليول تي

اردو تقرير ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي

image_20261016_115457

ھڪ يادگار سفر ڪٿا

اسرا اصغر

ھر شاگرد کي نئين ڏينهن ڪجھ نئون سکڻ لاءِ ملندو آهي. اسان جي اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ هوئين تہ سر ڪاشف ٽالپر ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيندو رھيو آھي پر، جڏهن کان سر حُنين حسن ميمڻ آيا تہ، سائين اسان کي ڪمپيوٽر پڙهائڻ ۽ سکائڻ شروع ڪيو. سائين پنهنجي اداري بدين سافٽ وئير ھائوس ۽ حاجي جوڻيجو اسڪول جي گڏيل تعاون سان اسان کي ٽن مهينن جو مفت ڪمپيوٽر ڪورس ڪرايو. جنهن کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر شھيد فاضل راهو (گولاڙچي) محترم عاطف شفيق ۽ اسان جي اسڪول جي روح روان سر اقبال جوڻيجي جي ڪوششن سان نئين صبح فائونڊيشن طرفان گرمين جي موڪلن ۾ ٻن مھينن جو مفت بنيادي ڪمپيوٽر ڪورس ڪرايو ويو، جنهن جي پڄاڻي تي نئين صبح فائونڊيشن 27 آگسٽ 2026ع تي زم زم ڊائمنڊ ھال ٺٽہ ۾ ھڪ پُر وقار ايوارڊ تقریب رکي وئي. جنهن جو مھمانِ خاص ڪمشنر حيدرآباد محترم فياض حسين عباسي هو

 نئين صبح فائونڊيشن جو چيئرمين سر شھزاد ميمڻ، ۽ ٻيا آفيسر پڻ شريڪ ٿيا پوزيشن ھولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي جرني ٻڌائي ۽ مهمانن ھٿان ليپ ٽاپ ۽ شيلڊس وصول ڪيون. سوشل ميڊيا، خاص طور تي AI جي فائدن ۽ نقصانن تي ھڪ پئنل ڊسڪشن ٿيو، جنهن مان تمام گهڻي ڄاڻ ملي. مهمانن پڻ پنهنجا ذاتي تعليمي تجربا ٻڌايا تہ، ڪئين ھُنن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ هن مقام تي پهتا آھن

پروگرام جي اختتام کان پوءِ اسان تاريخي ماڳ مڪلي گهمڻ وياسين. مڪليءَ جي تاريخ بابت اسان جي استادن اسان کي ڄاڻ ڏني. مقبرن تي چٽسالي جو خوبصورت ڪم ٿيل ھو. اسان جو آخري پڙاءُ شاھجھان مسجد ٺٽو ھئي. ھي مسجد مغل بادشاھ شاھجھان 1643ع ۾ ٺھرائي ھُئي، جيڪا 1648ع ۾ ٺھي راس ٿي. سج لھڻ تي ھو، اسان بہ واپسي جي تياري ڪئي

اسرا اصغر

نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي

مختلف پروگرامن ۾ تقريرون ڪندي آهي

سُٺي آرٽسٽ آهي

خوبصورت اسڪيچ ٺاھيندي آهي

لطيف حاجي-edited

لطيف شناسائي؛ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ هڪ هڪ يادگار تقريب

جميل ميمڻ

سنڌ جي سرزمين تي علم، ادب ۽ ثقافت جون روايتون صدين کان پنهنجي خوشبوءِ پکيڙينديون رهيون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو فڪر، شاعري ۽ پيغام سنڌ جي روح سان ڳنڍيل آهي. شاهه لطيف رڳو شاعر نه، پر محبت، امن، انسانيت، رواداري ۽ سنڌي ثقافت جو اهڙو سفير آهي، جنهن جو فڪر هر دور جي نوجوان نسل لاءِ مشعلِ راهه بڻجي سگهي ٿو. سال 2024ع ۾ ضلع بدين ۾ لطيف شناسائيءَ جي حوالي سان هڪ شاندار ۽ يادگار پروگرام گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جي خوبصورت آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو. هي پروگرام رڳو هڪ تقريب نه، پر علم، ادب، ثقافت ۽ نوجوانن جي صلاحيتن جو اهڙو سنگم هو، جنهن اسڪول جي علمي سرگرمين ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو. لطيف شناسائيءَ جي هن پروگرام ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل اهم شخصيتن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اقبال جوڻيجو، سيڪشن آفيسر ايجوڪيشن سنڌ، اسٽيڊا چيئرمين ۽ اڳوڻو ڊائريڪٽر حيدرآباد سيد رسول بخش شاهه صاحب، ان وقت جي ڊائريڪٽر حيدرآباد سرور ملاح ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر احمد خان زنئور، ان وقت جي پرنسپال جنيد انور ميمڻ سميت ضلع بدين جي مختلف اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد موجود هئا. پروگرام جي ميزباني جون ذميواريون محمد خان سمون، ڪاشف قادر ميمڻ ۽ جميل ميمڻ سرانجام ڏنيون. ميزبانن پنهنجي سهڻي اندازِ بيان ۽ بهترين نظامت ذريعي پروگرام کي دلچسپ ۽ منظم رکيو. سندن ميزبانيءَ سبب شاگردن، استادن ۽ مهمانن لاءِ تقريب جو هر لمحو يادگار بڻجي ويو. هن پروگرام جي خاص ڳالهه اها هئي ته شاگردن کي صرف شاهه لطيف بابت ٻڌڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، پر کين پنهنجي صلاحيتن جو عملي اظهار ڪرڻ لاءِ به مختلف موقعا فراهم ڪيا ويا. شاگردن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون پيش ڪيون، تقريرن ۾ حصو ورتو، ڊرائنگ ۽ ڪليگرافيءَ ذريعي لطيف جي فڪر ۽ سنڌي ثقافت کي رنگن ۽ لفظن ۾ اجاگر ڪيو، جڏهن ته ڪوئز ڪامپيٽيشن ۾ شاگردن پنهنجي علم ۽ مطالعي جو شاندار مظاهرو ڪيو.

لطيف جي وائيءَ جي سرن جڏهن آڊيٽوريم جي فضا ۾ گونج ڪئي ته ماحول ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ صوفي فڪر جي خوشبو محسوس ٿيڻ لڳي. شاگردن جي آواز ۾ شاهه لطيف جو پيغام هڪ نئين نسل تائين پهچندي نظر آيو. ڊرائنگ ۽ ڪليگرافيءَ جي مقابلن ۾ به شاگردن پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. انهن سرگرمين مان اهو ثابت ٿيو ته جيڪڏهن شاگردن کي مناسب موقعا، رهنمائي ۽ همٿ افزائي ڏني وڃي ته اهي پنهنجي اندر لڪل صلاحيتن کي بهترين انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪري سگهن ٿا. لطيف شناسائيءَ جي ڪوئز ڪامپيٽيشن به پروگرام جو هڪ اهم حصو هئي. مختلف اسڪولن مان آيل شاگردن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي، شاعري، فڪر ۽ سنڌي ثقافت بابت پنهنجي ڄاڻ جو مظاهرو ڪيو. گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جي شاگرد لالجي ڪولهي پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ سان ڊسٽرڪٽ سطح جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ريجنل پروگرام لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. لالجي ڪولهي جي اها ڪاميابي نه رڳو سندس ذاتي محنت ۽ قابليت جو نتيجو هئي، پر اسڪول جي استادن ۽ تعليمي ماحول لاءِ پڻ فخر جو لمحو هو. اهڙي ڪاميابي نوجوانن لاءِ هڪ خوبصورت پيغام آهي ته علم جي ميدان ۾ محنت، مطالعي ۽ مسلسل ڪوشش سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو. خاص طور تي جڏهن هڪ شاگرد ضلعي سطح تي پنهنجي اسڪول ۽ علائقي جي نمائندگي ڪري ٿو ته ان سان ٻين شاگردن ۾ پڻ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن ۽ تعليم سان لاڳاپيل مهمانن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت ۽ فڪر تي روشني وڌي. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انسانيت، محبت، امن، همدردي، رواداري ۽ سچائيءَ جو پيغام موجود آهي. لطيف جو فڪر نوجوان نسل کي علم، اخلاق ۽ مثبت سوچ ڏانهن وٺي وڃڻ جي وڏي صلاحيت رکي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن نوجوان مختلف قسم جي مصروفيتن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙيون علمي ۽ ادبي سرگرميون سندن شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اسڪول صرف ڪتابي علم حاصل ڪرڻ جي جاءِ نه، پر شاگردن جي سوچ، ڪردار، تخليق ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو ادارو پڻ آهي. لطيف شناسائيءَ جهڙا پروگرام شاگردن کي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ ادبي ورثي سان ڳنڍين ٿا. اقبال جوڻيجو سيڪشن آفيسر ايجوڪيشن سنڌ چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري سنڌ جي ٻولي ۽ثقافت جي وڏي ميراث آھي تنھنڪري نوجوان نسل کي پنھنجي ادبي ورثي سان جوڙڻ وقت جي ضرورت آھي. اقبال جوڻيجو صاحب اھڙين سرگرمين کي تعليمي ادارن ۾ وڌائڻ جي زور ڏنو ڇاڪاڻ ته ڪو ڪريڪيولم ايڪٽوٽين سان شاگردن ۾ اعتماد ۽ تخليقي سوچ پيدا ٿيندي. سيد رسول بخش شاھ صاحب پنھنجي خطاب ۾ چيو ته شاھ سائين کي سمجھڻ لاء صرف سندس شاعري پڙھڻ ڪافي ناھي، پر سندس شاعري ۾ موجود انساني پيغام کي سمجھڻ به ضروري آھي. ھنن لطيف جي مختلف سورمين ۽ لوڪ داستانن جو ذڪر ڪندي چيو ته شاھ سائين انھن ڪردارن کي صرف داستانن جي صورت ۾ پيش نه ڪيو وڃي پر انھن وسيلي زندگي جا وڏا سبق ملن ٿا. سسئي مان جدوجهد، مارئي مان حب الودني جي محبت، نوري مان عاجزي ۽ سھڻي مان وفا جا سبق ملن ٿا

محترم سرور ملاح صاحب پنھنجي خطاب ۾ ضلع بدين جي اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن جي وڏي شرڪت کي سارھيو. ھن چيو ته لطيف شناسائيءَ جھڙا پروگرام شاگردن جي ذھني تربيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. اھڙن پروگرامن سان شاگردن ۾ مقابلي جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. احمد خان زئور صاحب پنھنجي خطاب ۾ چيو ته شاگردن جي تقريرن،واين، ڊرائينگ، ڪليگرافي ۽ ڪوئز ڪامپيٽيشن جھڙين سرگرمين سان ٻارن ۾ تمام گھڻو اعتماد پيدا ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ھن اسٽيج تي اچڻ پنھنجي صلاحيت جو اظھار ڪرڻ سان کين وڏو حوصلو ملي ٿو. گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ منعقد ٿيل هي پروگرام ان لحاظ کان به اهم هو، جو ان ۾ ضلع بدين جي مختلف اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد گڏ ٿيا. اهڙيون تقريبون مختلف اسڪولن جي وچ ۾ علمي ۽ ادبي رابطن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ شاگردن ۾ صحتمند مقابلي جو جذبو پڻ پيدا ڪن ٿيون. شاهه لطيف جي فڪر کي نئين نسل تائين پهچائڻ صرف ادبي ادارن يا شاعرن جي ذميواري ناهي؛ اسڪول، استاد ۽ تعليمي ادارا به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اسڪولن ۾ لطيف شناسائيءَ، سنڌي ادب، شاعري، ڪليگرافي، ڊرائنگ ۽ ڪوئز جهڙيون سرگرميون باقاعدگيءَ سان ٿينديون رهن ته نوجوان پنهنجي ثقافتي ورثي کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان سمجهي سگهندا. سال 2024ع جو گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ ٿيل لطيف شناسائيءَ پروگرام يقيناً ضلع بدين جي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ هڪ خوبصورت يادگار طور ياد رکيو ويندو. هن تقريب ۾ شاگردن جي شرڪت، استادن جي محنت، مهمانن جي رهنمائي ۽ منتظمين جي بهترين انتظامن گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪيو، جنهن ۾ علم سان گڏ ادب ۽ ثقافت به ساڻ موجود هئي. لالجي ڪولهي جي ضلعي سطح جي ڪاميابي ۽ ريجنل پروگرام لاءِ چونڊ ٿيڻ هن تقريب جو هڪ روشن باب هو. سندس ڪاميابي ٻين شاگردن لاءِ به اتساهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي ته هو پنهنجي اسڪول، پنهنجي ضلعي ۽ پنهنجي علمي صلاحيتن کي اڳتي کڻي وڃن. لطيف شناسائيءَ جي اهڙي تقريب جو اصل مقصد به شايد اهو ئي آهي ته شاهه لطيف جي فڪر کي ڪتابن جي صفحن مان ڪڍي شاگردن جي سوچ ۽ عمل تائين پهچايو وڃي. جڏهن نوجوان لطيف جي شاعري پڙهن ٿا، سندس وايون ڳائن ٿا، سندس فڪر تي تقريرون ڪن ٿا ۽ مقابلي ۾ حصو وٺن ٿا ته لطيف جو پيغام هڪ نئين نسل سان ٻيهر جڙي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙيون علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود نه رهن، پر اسڪولن ۾ انهن جو سلسلو جاري رکيو وڃي. ڇو ته قومن جي سڃاڻپ صرف عمارتن سان نه، پر پنهنجي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ فڪري ورثي سان ٿيندي آهي.

گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جي آڊيٽوريم ۾ 2024ع دوران گونجندڙ لطيف جون وايون، شاگردن جون تقريرون، رنگين ڊرائنگون، خوبصورت ڪليگرافي ۽ علمي ڪوئز جا منظر يقيناً ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته سنڌ جي نوجوان نسل ۾ علم، ادب ۽ ثقافت سان محبت جو جذبو اڄ به زنده آهي. شاهه لطيف جو پيغام محبت جو پيغام آهي، انسانيت جو پيغام آهي ۽ پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان وابستگيءَ جو پيغام آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي هن فڪر سان جوڙينداسين ته نه رڳو سنڌ جو ادبي ورثو محفوظ رهندو، پر هڪ باشعور، بااخلاق ۽ علم دوست نسل پڻ اڳتي ايندي. ۽ شايد لطيف شناسائيءَ جي ان يادگار پروگرام جي سڀ کان وڏي ڪاميابي به اها ئي هئي ته هڪ ڏينهن لاءِ اسڪول جو آڊيٽوريم صرف هڪ تقريب جي جاءِ نه رهيو، پر اهو لطيف جي فڪر، علم، ادب، ثقافت ۽ نوجوانن جي خوابن جو مرڪز بڻجي ويو.

جميل ميمڻ گولاڙچي شهر سان تعلق رکندڙ

GBHSS HAJI JUNEJO

استاد طور خدمتون ڏيندڙ فوٽوگرافي، ۽ اسٽيج سندس جنون جي حد تائين شوقن ۾ شامل آهي

image_20261016_101455

ڪهڪشائن جا قسم

ڪهڪشائون مختلف شڪلين ۾ ڇو اينديون آهن؟

Types of Galaxies: Why Galaxies Come in Different Shapes

ليکڪ: مارڪ مانسيني ۽ يارا سيمون ، ترجمو؛ منظر علي نوحاڻي

فلڪياتدانن جو اندازو آهي ته اسان جي ڏسي سگهجندڙ ڪائنات ۾ لڳ ڀڳ 200 ارب ڪهڪشائون موجود آهن. پر جڏهن اسان سائنس فڪشن فلمن ۾ ٻين ڪهڪشائن کي ڏسون ٿا، ته انهن مان گهڻيون اڪثر اسان جي پنهنجي ڪهڪشان جهڙيون ئي نظر اچن ٿيون. اهو انسان جي پنهنجي تجربي کي مرڪز بڻائي سوچڻ جو هڪ مثال آهي. جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي ڪهڪشائون اسان جي ملڪي وي (Milky Way) جهڙيون آهن، پر حقيقت ۾ ڪائنات ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهڪشائون به موجود آهن، جيڪي شڪل ۽ بناوت جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن. شايد توهان اسڪولن جي سائنس جي ڪلاس رومن ۾ ملڪي وي جون تصويرون ۽ پوسٽر ضرور ڏٺا هوندا. پر شايد توهان کي اها خبر نه هجي ته اهي تصويرون ڪهڪشان جي هڪ اهم خاصيت کي صحيح تناسب سان ظاهر نٿيون ڪن. ملڪي وي کي جيڪڏهن پاسيرو ڏٺو وڃي ته اها وچ ۾ ٿوري ڦليل ۽ چوڌاري هڪ تمام پتلي ڊسڪ وانگر نظر اچي ٿي. ۽ جڏهن اسان ”پتلي“ چئون ٿا ته ان مان مراد واقعي حيران ڪندڙ حد تائين پتلي آهي. فلڪيات جي ماهر ۽ فوربز جي ليکڪا جليئن اسڪڊر موجب، ملڪي وي جي ڊسڪ لڳ ڀڳ 100,000 نوري سال ڊگهي آهي، پر ان جي ٿولهه رڳو لڳ ڀڳ 0.6 نوري سال آهي. يعني پنهنجي ڊيگهه جي ڀيٽ ۾ اها ايتري پتلي آهي، جو جيڪڏهن ان جو تناسب عام ڪاغذ جي شيٽ سان ڀيٽجي ته اهو مثال به حيران ڪندڙ لڳي ٿو.پر اچو ته ٿورو اڳتي وڌون.ملڪي وي کي منفرد بڻائيندڙ خاصيتن تي ڳالهائڻ کان اڳ، اچو ته سمجهون ته مختلف ڪهڪشائن ۾ ڪهڙيون شيون هڪجهڙيون هونديون آهن.

فهرست

  1. ڪهڪشان ڇا آهي؟
  2. ڪهڪشائن کي شڪل ڪيئن ملي ٿي؟
  3. وچئين ڦُليل حصي جو راز
  4. ٽڪرائجندڙ ڪهڪشائون
  5. چڪرائي ڪهڪشائون
  6. بيضوي ڪهڪشائون
  7. عدسي جهڙيون ڪهڪشائون
  8. بي ترتيب ڪهڪشائون

ڪهڪشان ڇا آهي؟

ڪهڪشائون ڪششِ ثقل سان هڪ ٻئي سان جڙيل تمام وڏا ۽ پيچيده نظام آهن. انهن ۾ گيس، ڪائناتي مٽي ۽ لکين، ڪروڙين، بلڪه اربين تارا به شامل ٿي سگهن ٿا. انهن تارن جي چوڌاري پنهنجا سيارا ۽ ٻيا آسماني جسم به گردش ڪندا آهن. ڪائنات ۾ موجود اربين ڪهڪشائن مان ڪيتريون ئي چڪرائي شڪل رکن ٿيون، جهڙي اسان جي ملڪي وي آهي. پر ڪهڪشائن جا ٻيا به ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ بيضوي، عدسي نما ۽ بي ترتيب ڪهڪشائون شامل آهن. ان کان علاوه ننڍيون ڪهڪشائون، جن کي Dwarf Galaxies چيو وڃي ٿو، پڻ موجود آهن. اهي عام چڪرائي يا بيضوي ڪهڪشائن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون هونديون آهن ۽ انهن ۾ تارن جو تعداد به گهٽ هوندو آهي

ڪهڪشائن کي شڪل ڪيئن ملي ٿي؟ هر ڪهڪشان جي پنهنجي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. ان جي تاريخ ۽ ارتقا جو ڪجهه حصو ان جي موجوده شڪل مان به سمجهي سگهجي ٿو. سائنسدان ڪهڪشائن کي سندن ظاهري شڪل ۽ بناوت جي بنياد تي مختلف قسمن ۾ ورهائيندا آهن. اسان جي ملڪي وي هڪ چڪرائي ڪهڪشان آهي. اها هڪ ويڪري ۽ لوڻي ڊسڪ وانگر نظر اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڦليل مرڪزي حصو موجود آهي. ڪهڪشان جي اهڙي بناوت ۾ گردش، وقت ۽ ڪششِ ثقل اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. فلڪيات جي ماهر راجا گهاٺاڪُرتا، پي ايڇ ڊي، جيڪو يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، سانتا ڪروز ۾ پروفيسر آهي ۽ ڪهڪشائن جي ارتقا تي تحقيق ڪري ٿو، چوي ٿو ته ڪهڪشائن جي ٺهڻ ۽ بناوت جي سموري طبعيات اڃا مڪمل طور تي سمجهي نه وئي آهي. عام طور تي سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪيتريون ئي چڪرائي ڪهڪشائون گيس ۽ ڪائناتي مٽيءَ جي وڏن گھمندڙ ڪڪرن مان وجود ۾ آيون. انهن ڪڪرن جي گردش جي رفتار تمام اهم هوندي آهي. گهاٺاڪُرتا موجب، وڏا ۽ تيزيءَ سان گھمندڙ ڪڪر چڪرائي ڪهڪشان بڻجڻ جا وڌيڪ امڪان رکن ٿا. ڪششِ ثقل انهن گھمندڙ ۽ بي ترتيب ڪڪرن کي آهستي آهستي هڪ لوڻي شڪل ۾ آڻيندي آهي. وقت سان گڏ گيس ۽ مٽي سڪڙندي ويندي آهي ۽ گردش جي هڪ اهم طبعي اصول، يعني زاويائي حرڪت جي بقا (Conservation of Angular Momentum) سبب، جيئن نظام سڪڙندو ويندو آهي، ان جي گردش جي رفتار وڌندي ويندي آهي. اهو عمل توهان برف تي اسڪيٽنگ ڪندڙ رانديگر ۾ به ڏسي سگهو ٿا. جڏهن اسڪيٽر پنهنجا هٿ جسم ڏانهن اندر ڇڪي ٿو ته سندس گردش جي رفتار وڌي وڃي ٿي

چڪرائي ٻانهون ڪيئن ٺهن ٿيون؟

چڪرائي ڪهڪشان کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان جي مرڪز کان ٻاهر نڪرندڙ ڊگهيون ۽ ويڙهيل ٻانهون نظر اينديون آهن. اهي ٻانهون به ڪهڪشان جي گردش ۽ ان جي اندر موجود گيس، مٽي ۽ تارن جي حرڪت سان لاڳاپيل هونديون آهن. گهاٺاڪُرتا موجب، چڪرائي ٻانهن جي بناوت ڪهڪشان جي گردش جي رفتار سان گهڻو لاڳاپو رکي ٿي. تيزيءَ سان گھمندڙ ڪهڪشائن ۾ ٻانهون ننڍيون ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته آهستي گھمندڙ ڪهڪشائن ۾ ٻانهون وڌيڪ ڊگهيون ۽ کليل هونديون آهن. هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هڪ سادو مثال ڏنو وڃي ٿو: جيڪڏهن توهان هڪ پيالي ۾ ڪافي کي هلائيندا ۽ ان ۾ ٿورو ڪريم وجهندا ته ڪريم گردش ڪندي هڪ چڪرائي نمونو ٺاهيندي. جيڪڏهن توهان ڪافي کي وڌيڪ تيزيءَ سان هلائيندا ته اهو نمونو وڌيڪ ويجهو ۽ مضبوط چڪرائي صورت اختيار ڪندو.

وچئين اُڀريل حصي جو راز؛

اسان ڏٺو ته چڪرائي ڪهڪشائون ڪيئن ٺهن ٿيون ۽ انهن جي گردش سندن ٻانهن جي بناوت تي ڪيئن اثرانداز ٿئي ٿي. پر ڪهڪشان جي وچ ۾ موجود ان ڦليل حصي جو ڇا معاملو آهي؟ چڪرائي ڪهڪشائن جي مرڪز ۾ عام طور تي تمام پراڻن تارن جو هڪ وڏو ميڙ موجود هوندو آهي. اهي تارا ڪهڪشان جي مرڪزي علائقي جي چوڌاري مختلف رخن ۾ گردش ڪندا آهن. ان مرڪزي اڀريل  حصي کي Bulge چيو ويندو آهي. ڊسڪ ۾ موجود تارا هڪ نسبتاً منظم سطح ۾ گردش ڪندا آهن، پر اڀريل حصي ۾ موجود تارن جي حرڪت وڌيڪ بي ترتيب هوندي آهي. فلڪياتدان اڃا تائين اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪهڪشائن جا اهي اڀريل  مرڪزي حصا اصل ۾ ڪيئن ٺهن ٿا. ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته اهي ڪهڪشان جي ڊسڪ کان اڳ وجود ۾ اچن ٿا، جڏهن ته ٻين نظرين موجب اهي بعد ۾ ٺهن ٿا. هاڻي تصور ڪريو ته ڪنهن ڪهڪشان ۾ ڊسڪ موجود ئي نه هجي ۽ ان جي بناوت گهڻو ڪري اڀريل مرڪزي حصي تي مشتمل هجي. اهڙي ڪهڪشان گول يا بيضوي شڪل جي نظر اچي سگهي ٿي. ان جي اندر موجود تارا ڪهڪشان جي مرڪز جي چوڌاري مختلف رخن ۾ گردش ڪندا آهن. اهڙي ڪهڪشان کي بيضوي ڪهڪشان (Elliptical Galaxy) چيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ، ڪجهه ڪهڪشائون اهڙيون به آهن، جيڪي نه چڪرائي هونديون آهن ۽ نه ئي بيضوي. انهن کي بي ترتيب ڪهڪشائون (Irregular Galaxies) چيو وڃي ٿو.

ٽڪرائجندڙ ڪهڪشائون ،ڪهڪشائن جو ٽڪر ۽ ميلاپ

خلائي دوربينن سائنسدانن کي اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهڪشائون ڏيکاريون آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي تمام ويجهو اچي چڪيون آهن يا هڪ ٻئي سان ميلاپ جي عمل مان گذري رهيون آهن. مثال طور، NGC 2207 ۽ IC 2163 نالي ٻه چڪرائي ڪهڪشائون هڪ ٻئي جي تمام ويجهو آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪششِ ثقل جي اثر سبب تبديليون ٿي رهيون آهن. اهڙن ڪهڪشائي ميلاپن دوران انهن جون اصل شڪليون بگڙجي سگهن ٿيون. آخرڪار ڪجهه اهڙا ميلاپ هڪ وڏي ۽ وڌيڪ گول، يعني بيضوي ڪهڪشان جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا. وڏيون چڪرائي ڪهڪشائون ڪڏهن ڪڏهن ننڍين ڪهڪشائن کي به پنهنجي ڪششِ ثقل جي اثر هيٺ آڻي انهن سان ميلاپ ڪنديون آهن. اسان جي پنهنجي ملڪي وي بابت به سائنسدانن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ اها اسان جي ويجهي پاڙيسري اينڊروميڊا ڪهڪشان سان ميلاپ ڪندي. موجوده سائنسي اندازن موجب اهو عمل اڄ کان لڳ ڀڳ 4 کان 5 ارب سالن جي عرصي ۾ ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ تمام ڊگهو ڪائناتي عمل هوندو، جنهن دوران ٻنهي ڪهڪشائن جي بناوت ۾ وڏيون تبديليون اينديون. سائنسدان هن ممڪنه مستقبل جي گڏيل ڪهڪشان لاءِ هڪ غير رسمي نالو ”ملڪوميڊا“ (Milkomeda) پڻ استعمال ڪندا آهن.

چڪرائي ڪهڪشائون

چڪرائي ڪهڪشان، جهڙي اسان جي پنهنجي ملڪي وي، عام طور تي هڪ مرڪزي ڦليل حصي ۽ ان مان ٻاهر نڪرندڙ چڪرائي ٻانهن تي مشتمل هوندي آهي. تارا، گيس ۽ ڪائناتي مٽي انهن ٻانهن ۾ موجود هوندا آهن ۽ گڏجي هڪ وڏي ڦرندڙ چرخي جهڙي شڪل پيدا ڪندا آهن. چڪرائي ڪهڪشائون مختلف جسامت ۽ بناوت جون ٿي سگهن ٿيون. ڪجهه ۾ ٻانهون هڪ ٻئي جي تمام ويجهو ويڙهيل هونديون آهن، جڏهن ته ٻين ۾ اهي وڌيڪ کليل ۽ ڊگهيون هونديون آهن. چڪرائي ڪهڪشائن جو هڪ اهم ذيلي قسم بار واريون چڪرائي ڪهڪشائون (Barred Spiral Galaxies) آهن. انهن ڪهڪشائن جي وچ ۾ تارن، گيس ۽ مٽي مان ٺهيل هڪ ڊگهي بار جهڙي بناوت هوندي آهي، جيڪا مرڪز مان گذرندي ٻنهي پاسن ڏانهن وڌندي آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته اهڙي مرڪزي بار جي موجودگي ڪهڪشان جي ارتقا جي هڪ خاص مرحلي سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي.

بيضوي ڪهڪشائون

بيضوي ڪهڪشائون عام طور تي هموار، گول يا بيضوي شڪل جون هونديون آهن.انهن ۾ چڪرائي ڪهڪشائن وانگر واضح ٻانهون يا پتلي ڊسڪ نظر نٿي اچي. انهن ۾ گهڻو ڪري پراڻا تارا موجود هوندا آهن، جڏهن ته گيس ۽ ڪائناتي مٽيءَ جو مقدار عام طور تي چڪرائي ڪهڪشائن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي.سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪجهه وڏيون بيضوي ڪهڪشائون ڪهڪشائن جي ٽڪر ۽ ميلاپ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون ٿي سگهن ٿيون.  ڪهڪشائن جي ڪجهه تمام وڏين ۽ روشن قسمن جو تعلق بيضوي ڪهڪشائن سان آهي. اهي اڪثر ڪهڪشائن جي وڏن جهڳٽن جي مرڪز ۾ موجود هونديون آهن. ڪهڪشائن جو جهڳٽو ڪيترين ڪهڪشائن جو اهڙو مجموعو هوندو آهي، جيڪي هڪ ٻئي جي ڪششِ ثقل سبب گڏيل نظام ۾ موجود رهن ٿيون

عدسي نما ڪهڪشائون

عدسي نما ڪهڪشائون چڪرائي ۽ بيضوي ڪهڪشائن جي وچ واري خاصيت رکن ٿيون.انهن ۾ هڪ مرڪزي ڦليل حصو، پراڻا تارا ۽ هڪ لوڻي ڊسڪ موجود هوندي آهي، پر چڪرائي ڪهڪشائن وانگر واضح چڪرائي ٻانهون موجود نه هونديون آهن. ڪجهه نظرين موجب، انهن ڪهڪشائن جون چڪرائي ٻانهون وقت سان گڏ ختم ٿي ويون آهن، جڏهن ته ٻين نظرين جو خيال آهي ته عدسي نما ڪهڪشائون ڪهڪشائن جي ميلاپ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون.

بي ترتيب ڪهڪشائون

جيئن نالي مان ظاهر ٿئي ٿو، بي ترتيب ڪهڪشائن جي ڪا واضح يا منظم شڪل نه هوندي آهي. انهن جي بي ترتيب شڪل ڪنهن ٻي ڪهڪشان جي ڪششِ ثقل يا ٻن ڪهڪشائن جي ٽڪر ۽ ميلاپ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. انهن ۾ تارن، گيس ۽ ڪائناتي مٽيءَ جي ڪا هڪجهڙي يا واضح ترتيب نظر نٿي اچي. بي ترتيب ڪهڪشائن ۾ پراڻن سان گڏ نوان ۽ نوجوان تارا به موجود ٿي سگهن ٿا.

ڇا توهان کي خبر آهي؟

لفظ Galaxy قديم يوناني لفظ ”Gala“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”کير“. اسان جي ڪهڪشان کي Milky Way ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو صاف ۽ اونداهي رات ۾ آسمان تي تارن جي هڪ ڊگهي، کير جهڙي اڇي پٽي نظر اچي ٿي. قديم زماني جي ماڻهن کي آسمان تي نظر ايندڙ اها روشن پٽي ڄڻ کير جي وهندڙ ڌار وانگر محسوس ٿيندي هئي. انهيءَ تصور مان ”Milky Way“ نالو وجود ۾ آيو.

آخر ۾

ڪائنات کي جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته هر ڪهڪشان پنهنجي اندر هڪ الڳ ڪهاڻي سمايل رکي ٿي. ڪٿي تارا چڪرائي ٻانهن ۾ گردش ڪري رهيا آهن، ڪٿي ڪهڪشائون هڪ ٻئي سان ميلاپ ڪري رهيون آهن، ته ڪٿي بي ترتيب شڪليون ڪائنات جي قديم ۽ پيچيده ارتقا جون شاهديون ڏئي رهيون آهن. اسان جي ملڪي وي به ڪائنات جي انهن اربين ڪهڪشائن مان رڳو هڪ آهي. پر اها اسان لاءِ ان ڪري خاص آهي، جو اسان جو سج، اسان جي ڌرتي ۽ اسان جي زندگي به انهيءَ ڪهڪشان جو حصو آهن. ڪائنات جي هر ڪهڪشان هڪ سوال آهي، ۽ فلڪيات ان سوال جو جواب ڳولڻ جي مسلسل ڪوشش جو نالو آهي.  ماخذ: HowStuffWorks

ڳوٺ عبدالمجيد نوحاڻيءَ ۾ جنم ورتومنظر علي نوحاڻي

GBHSS HAJI JUNEJO

مان 12 ڪلاس پاس ڪري هاڻ لاڙ يونيورسٽي ڪيمپس بدين ۾ پڙهڻ ويو آهي

image_20261016_111544

ٺٽي جو سفر

صفيہ غلام علي

 اسان جي اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ جون جولاءِ جي موڪلن دوران بنيادي ڪمپيوٽر ڪورس ٿيو. هن ڪورس شروع ڪرڻ ۾ سر اقبال جوڻيجو ، سر حُنين حسن ، اسسٽنٽ ڪمشنر گولاڙچي محترم عاطف شفيق ۽ نئين صبح فائونڊيشن جو گڏيل سھڪار رهيو. نئين صبح فائونڊيشن طرفان ضلع ۾ گورنمينٽ گرلس هائير سيڪينڊري اسڪول شھيد فاضل راهو (گولاڙچي) ۽ اسان جي اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ ٻہ الڳ سينٽر قائم ڪيا ويا. اسان جي اسڪول ۾ 300 کان مٿي شاگردن داخلا ورتي. ڪورس جي مڪمل ٿيڻ تي ٽيسٽ ۽ واءِ واز ورتي وئي. جنهن ۾ 180 جي لڳ ڀڳ شاگرد پاس ٿيا،

جن کي اسڪول ۾ ٿيندڙ پروگرام دوران سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. نئين صبح فائونڊيشن طرفان ٽن ضلعن ٺٽہ، سجاول ۽ بدين جي مختلف اسڪولن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا، جن مان پوزيشن ھولڊر ۽ Top Ten پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي 27 آگسٽ 2026 ع تي زم زم ڊائمنڊ ھال ۾ ٿيندڙ موک تقريب ۾ گُھرايو ويو. اسان پنهنجي استادن سان گڏ صبح يارنهن وڳي ھال ۾ پھتاسين. جڏهن سڀ مهمان ۽ مختلف اسڪولن جا استاد ۽ سڀ شاگرد پھتا تہ پروگرام باقائده شروع ٿيو

. پروگرام جو مھمانِ خاص ڪمشنر حيدرآباد محترم فياض حسين عباسي، نئين صبح فائونڊيشن جو چيئرمين سر شھزاد ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن ھر ھڪ سينٽر تان پهرين، ٻين، ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ شيلڊس ڏنيون. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪلي گهمڻ وياسين. عبدﷲ شاھ اصحابي جي درگاھ کان پوءِ مختلف مقبرن جو سير ڪندي آياسين. هن ماڳ متعلق صرف ڪتابن ۾ پڙهيو هئوسين، اڄ هن ماڳ کي اکين سان ڏٽوسين. تمام گهڻو انجواءِ ڪيوسين.

هن ماڳ جي تاريخ ۽ قدامت بابت استادن اسان ڄاڻ ڏني. اتان کان ٿيندي اسان شاھجھان مسجد ٺٽي آياسين. هن مسجد کي ٺھڻ ۾ اٺ سالن وقت لڳو ۽ ان وقت جا تقريبن 6 لک روپيا خرچ آيو. واپسي جي سفر ۾ دوران استادن ۽ شاگردن پنهنجا، پنهنجا خيال شيئر ڪيا. ائين کل خوشي ۾ اسان واپس پنهنجي گهر پهتاسين

صفيہ غلام علي

نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي

مختلف پروگرامن ۾ تقريرون ڪندي رهندي آهي

image_20261016_112313

ھڪ خواب ۽ حقيقت

سسئي اسلم

هيءَ ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي، ھڪ قابل ۽ اعلیٰ وقار استاد، سر حُنين حسن ميمڻ کان. سر جڏهن اسان جي اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ آيا، سر سوچيو ته، هن اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد دؤر جي گھرجن مطابق ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي. سائينءَ جي ان خواب گرمين جي موڪلن دوران تڏهن ساڀيان جو روپ ڌاريو، جڏهن نئين صبح فائونڊيشن وارن اسسٽنٽ ڪمشنر گولاڙچي محترم عاطف شفيق جي ٿورن سان اسان جي اسڪول ۾ ٻن مھينن جو مفت بنيادي ڪمپيوٽر ڪورس شروع ڪرايو. جنهن ۾ تقريبن 300 کان وڌيڪ شاگردن /شاگردياڻين داخلا ورتي.

هن ڪورس ۾ نه صرف حاجي جوڻيجو اسڪول جي شاگردن داخلا ورتي، پر ان سان گڏ هاءِ اسڪول ترائي، لکاڏنو شھيد آرمي پبلڪ اسڪول، مورجھر اسڪول ۽ لاڙ ڪئمپس يونيورسٽي جي شاگردن پڻ داخلا ورتي. نئين صبح فائونڊيشن طرفان هي ڪورس ٽن ضلعن، ٺٽه، سجاول ۽ بدين ۾ ڪرايو ويو. نئين صبح فائونڊيشن جو اصل مقصد شاگردن کي Digital Skill سيکارڻ آھي.

ڪورس مڪمل ٿيڻ تي ٽنھي ضلعن ۾ قائم ڪيل مختلف سينٽرن تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جون تقريبون ٿيون ۽ آخر ۾ 27 آگسٽ 2026 تي ھڪ ميگھا ايونٽ ٺٽي جي زم زم ڊائمنڊ ھال ۾ ٿيو. جنھن ۾ ٽنھي ضلعن ۾ قائم ڪيل سينٽرس جي شاگردن / شاگردياڻين ۽ استادن کي دعوت ڏني وئي. هن پروگرام ۾ الڳ الڳ سينٽرس تان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن /شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ۽ شيلڊس ڏنيون ويون.

27 آگسٽ صبح جو 8 وڳي اسان سڀ شاگرد ۽ استاد اسڪول پهتاسين ۽ پنهنجي اسڪول جي پرنسپال سر سيد عمران شاھ جي اڳواڻي ۾ پنهنجي منزل طرف روانا ٿياسين. رستي ۾ جڏهن اسان دولھ درياءَ خان پُل تي پھتاسين، جتان سنڌ جي سينڌ سنواريندڙ شينھن درياءَ، “سنڌو درياءَ” ڪراس ڪرڻ لڳاسين ته ان حسين منظر من موھي وڌو. سر سيد عمران پھرين سائين اسلم ۽ سائين سيد عمران شاھ سنڌو درياءَ بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته، سنڌو درياءَ چين جي علائقي تبت مان نڪري لداخ کان ٿيندو پنجاب مان گذرندو پنج نند وٽ ڀرتي ڪندڙ ندين جي شامل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ مان ٿيندو سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

ائين ئي ڳالهيون ٻڌندي، ٻڌندي اسان زم زم ڊائمنڊ ھال پھچي وياسين. پروگرام ۾ نئين صبح فائونڊيشن جو چيئرمين سر شھزاد ميمڻ، ڪمشنر حيدرآباد محترم فياض حسين عباسي ۽ ٻيا تعليم کاتي جا ضلعي ۽ تعلقہ آفيسر آيل ھئا. مختلف سينٽرس تان پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن /شاگردياڻين پنھجي جرني ٻڌائي ۽ کين آيل مھمانن ھٿان ليپ ٽاپ ۽ شيلڊس ڏنيون ويون. جڏهن پروگرام پنھنجي پڄاڻي تي پهتو ته اڃان ڪافي وقت ھو اسان وٽ. سائين وارن فيصلو ڪيو ته پاڻ وٽ وقت آھي، ان وقت جو فائدو وٺندي سنڌ جي ھڪ تاريخي ماڳ مڪلي تي ھلجي.

اسان جي بس مڪلي موڙ کان اوڀر پاسي واري روڊ طرف مڙندي سڌو عبدﷲ شاھ اصحابيءَ جي درگاھ وٽ بريڪ ڪيو. اسان عبدﷲ شاھ اصحابي جي درگاھ جي زيارت لاءِ اندر وياسين پر اسان کي چيو ويو ته فيميل کي درگاھ جي اندر وڃڻ جي اجازت ناھي. پوءِ اسان لڳل اسٽالن تان ڪجھ خريداري ڪئي ۽ ان کانپوءِ پنڌ ئي پنڌ قديم آثارن کي ڏسندي، گھمندي مرزا باقي بيگ، عيسيٰ خان ترخان ۽ مقبرن کي ڏٺوسين، جن تي گلڪاري، جاميٽري جا نقش، قرآني خطاطي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل ھو اڃان سج لھڻ ۾ ٿورو وقت ھو، ان ڪري اسان آياسين ٺٽي جي بادشاهي مسجد ڏسڻ.

هيءُ مسجد مغل بادشاھ شاھجھان اڏائي ھئي. مسجد جي اڏاوت 1643ع ۾ شروع ٿي ۽ 1648ع ۾ ٺھي راس ٿي. ھاڻي سج سڄي ڏينھن جي سفر کان پوءِ آرامي ٿي چڪو هو. اسان ٺٽي جي مشھور سوغات رٻڙي ورتي ۽ واپسي جو سفر شروع ڪيوسين. واپسي جي سفر دوران سڀني استادن ۽ ڪجھ شاگردن سڄي ڏينهن جي سفر جي حوالي سان پنهنجا، پنهنجا ويچار ونڊيا.

 ائين ڳالھين ڳالھين ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي نہ ٿيو ۽ اسان واپس پنهنجي اسڪول پهتاسين، جتان ھر ڪو ھڪ ٻئي کان موڪلائيندي پنهنجي، پنهنجي گھرن طرف روانو ٿيو ھن سڄي سفر دوارن اسان جي اسڪول جي روح روان محترم سر اقبال جوڻيجي کي ياد نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. سر اقبال صبح کان وٺي رات تائين سڄو ڏينهن مسلسل رابطي ۾ هو، لنچ جو بندوبست بہ سر اقبال ڪيو ھو. سر اقبال ھڪ مثال آهي، اگر ادارن جي مالڪي ڪجي ته ڇا ڇا نٿو ڪري سگهجي

سسئي اسلم

ڪلاس نائون

تقريرون ڪندي آهي. بيسو جي پروگرام ۾ جونئير ڪئٽيگري ۾ ضلع سطع تي ٿيندڙ سنڌي تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي
سنڌي ٻولي اختياري پاران 2023ع ۾ ٿيندڙ ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو پروگرام ۾ شاھ لطيف جا بيت پڙهڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو

لائبريري جي

لائبريريءَ جي اهميت

اسلم آزاد سمون

لائبريري: علم، شعور ۽ فڪري روشنيءَ جو مرڪز

لائبريريءَ جي هر دور ۾ وڏي اهميت رهي آهي. لائبريريءَ جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي ڪتابن جي سڳنڌ، علم جي روشنيءَ ۽ فڪر جي هڪ اهڙي دنيا جو تصور اڀري ٿو، جتي انسان پنهنجي سوچ کي نوان پر ڏئي ٿو ۽ ڄاڻ جي اڻکٽ جهان سان روشناس ٿئي ٿو. لائبريري رڳو ڪتابن رکڻ جي جاءِ نه، پر انساني تهذيب، علم، ادب، تاريخ، سائنس ۽ فڪر جو هڪ قيمتي خزانو آهي. اها هڪ اهڙي علمي درسگاهه آهي، جتي هر عمر ۽ هر طبقي جو ماڻهو پنهنجي دلچسپيءَ ۽ ضرورت مطابق ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو.انساني تاريخ ۾ ڪتابن ۽ لائبريرين جو ڪردار نهايت اهم رهيو آهي. قديم تهذيبن کان وٺي جديد دور تائين انسان پنهنجي علم، تجربن، مشاهدن ۽ دريافتن کي لکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ته جيئن ايندڙ نسل انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. قديم زماني جون لائبريريون علمي ۽ فڪري ترقيءَ جا اهم مرڪز هيون. انهن ۾ محفوظ ڪيل ڪتابن، تحريرن ۽ دستاويزن ذريعي انسان پنهنجي ماضيءَ کي سمجهندو ۽ مستقبل لاءِ نوان رستا ڳوليندو رهيو آهي. ان لحاظ کان لائبريري انساني علم جي تسلسل ۽ فڪري ورثي کي محفوظ رکڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي

ڪتاب: انسان جو بهترين دوست

ڪتاب انسان جو اهڙو دوست آهي، جيڪو بنا ڪنهن فرق جي هر ڪنهن کي علم، تجربو ۽ ڏاهپ ڏئي ٿو. ڪتابن جي صحبت انسان کي اڪيلائيءَ ۾ ساٿ، مايوسيءَ ۾ اميد ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ ڄاڻ فراهم ڪري ٿي. هڪ سٺو ڪتاب انسان جي سوچ بدلائي سگهي ٿو، سندس شخصيت کي سنواري سگهي ٿو ۽ زندگيءَ بابت سندس نظرئي ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿو.ڪتاب پڙهڻ سان انسان جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو، لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو، ٻوليءَ تي گرفت مضبوط ٿئي ٿي ۽ لکڻ، پڙهڻ توڙي ڳالهائڻ جون صلاحيتون بهتر ٿين ٿيون. وسيع مطالعو انسان کي مختلف نظرين، خيالن ۽ تجربن سان متعارف ڪرائي ٿو. اهڙيءَ ريت هو ڪنهن به موضوع کي رڳو هڪ رخ کان ڏسڻ بدران ان جي مختلف پاسن تي غور ڪرڻ سکي ٿو. ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ سان انسان پنهنجي محدود ماحول کان ٻاهر نڪري، دنيا جي مختلف سماجن، تهذيبن، ٻولين ۽ ثقافتن کي سمجهڻ لڳي ٿو. تاريخ جا ڪتاب کيس ماضيءَ جي واقعن ۽ انساني جدوجهد کان آگاهه ڪن ٿا، سائنسي ڪتاب ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا، جڏهن ته ادب جا ڪتاب انساني احساسن، جذبن ۽ سماجي روين جي سڃاڻپ ڪرائين ٿا

شاگردن جي تعليم ۽ ذهني اوسر ۾ لائبريريءَ جو ڪردار

ڪنهن به تعليمي اداري ۾ لائبريريءَ کي بنيادي اهميت حاصل هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تعليم جو مقصد رڳو نصابي ڪتابن کي پڙهڻ ۽ امتحان پاس ڪرڻ ناهي، پر شاگردن ۾ سوچڻ، سمجهڻ، سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ ۽ نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ پڻ آهي. لائبريري شاگردن کي نصابي ڪتابن کان اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏئي ٿي. جڏهن شاگرد مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهن ٿا، تڏهن سندن معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي سبقن کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهن ٿا. مثال طور، تاريخ جو شاگرد تاريخي ڪتابن سان گڏ آثارِ قديمه، جاگرافي ۽ تهذيبن بابت مطالعو ڪري ته سندس تاريخي شعور وڌيڪ پختو ٿيندو. اهڙيءَ طرح سائنس جو شاگرد سائنسي ڪتابن، رسالن ۽ تحقيقي مضمونن ذريعي نين دريافتن ۽ جديد سائنسي نظرين کان واقف ٿي سگهي ٿو. لائبريري شاگردن ۾ خود مطالعو ڪرڻ جي عادت پيدا ڪري ٿي. استاد جي رهنمائيءَ سان گڏ جڏهن شاگرد پاڻ به ڪتابن مان ڄاڻ حاصل ڪرڻ سکن ٿا، تڏهن سندن خوداعتمادي وڌي ٿي ۽ هو سکيا جي عمل ۾ وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿا. اها عادت مستقبل ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ عملي زندگيءَ ۾ سندن وڏي مدد ڪري ٿي. ان کان علاوه، لائبريريءَ جو خاموش ۽ پرسڪون ماحول شاگردن کي ڌيان سان پڙهڻ، سوچڻ ۽ لکڻ جو موقعو ڏئي ٿو. اهڙي ماحول ۾ شاگرد وقت جي بهتر استعمال، نظم ۽ ضبط ۽ مطالعي جي باقاعدگيءَ جهڙيون عادتون پڻ سکندا آهن

وسيع مطالعو ۽ تخليقي سوچ

مطالعي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته اهو انسان جي سوچ کي وسعت ڏئي ٿو. جيڪو ماڻهو مختلف موضوعن تي پڙهي ٿو، اهو زندگيءَ جي مسئلن کي وڌيڪ گهرائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. وسيع مطالعو ذهن ۾ نوان سوال پيدا ڪري ٿو، پراڻن خيالن تي ٻيهر غور ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو ۽ تخليقي سوچ کي هٿي ڏئي ٿو.ادب، فلسفي ۽ تاريخ جو مطالعو انسان ۾ تنقيدي شعور پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا ڪتاب مشاهدي، تجربي ۽ دليل جي اهميت سمجهائين ٿا. انهن سڀني شعبن جو گڏيل مطالعو انسان کي متوازن، باشعور ۽ ذميوار شخصيت بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.تحقيق جي شروعات به اڪثر هڪ سوال کان ٿيندي آهي، ۽ مطالعو اهڙا سوال پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي. جڏهن شاگرد ڪنهن موضوع بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تڏهن هو مختلف ڪتابن ۽ حوالن جو مقابلو ڪن ٿا، حقيقتن جي تصديق ڪن ٿا ۽ پنهنجي راءِ دليلن جي بنياد تي قائم ڪرڻ سکن ٿا. اهڙي تربيت کين رڳو سٺو شاگرد نه، پر مستقبل جو سٺو محقق ۽ ذميوار شهري پڻ بڻائي سگهي ٿي

تاريخي ۽ سائنسي شعور جي واڌ ويجهه

تاريخ ۽ سائنس جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته انسان مختلف دورن ۾ ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ پنهنجي تجربن مان ڪهڙا سبق سکيا. سائنس انهن واقعن، شين ۽ قدرتي عملن کي مشاهدي، تجربن ۽ دليلن جي بنياد تي سمجهڻ جو طريقو فراهم ڪري ٿي.جڏهن شاگرد تاريخ، سائنس، جاگرافي ۽ آثارِ قديمه بابت گڏيل مطالعو ڪن ٿا، تڏهن هو انساني تهذيب جي ارتقا، ماحولياتي تبديلين، دريائن جي وهڪرن، آبادين جي قيام ۽ زوال جهڙن موضوعن کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهن ٿا. ان ڪري لائبريري مختلف علمي شعبن جي وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ نون تحقيقي رستن جي ڳولا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.سنڌ جهڙي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال خطي ۾ لائبريرين جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي. سنڌ جي تاريخ، ٻولي، ادب، لوڪ ڏاهپ، قديم تهذيبن ۽ آثارِ قديمه بابت ڪتابن جو مطالعو نئين نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ سان واقفيت ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي جي قدر ڪرڻ جو شعور ڏئي ٿو. اهڙو مطالعو نوجوانن ۾ تحقيق جو شوق پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ کين پنهنجي علائقي جي تاريخ کي وڌيڪ علمي انداز ۾ سمجهڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو

ڊجيٽل دور ۾ جديد لائبريري

اسڪولن ۾ لائبريريءَ جي ضرورت

هر اسڪول ۽ تعليمي اداري ۾ هڪ سٺي، منظم ۽ فعال لائبريري هجڻ گهرجي. لائبريريءَ ۾ شاگردن جي عمر، تعليمي سطح ۽ دلچسپيءَ مطابق ڪتاب موجود هجن، جن ۾ ادب، تاريخ، سائنس، فلسفو، جاگرافي، ٻولين، ماحوليات، ڪمپيوٽر ۽ عام معلومات بابت معياري مواد شامل هجي. ائبريريءَ کي صرف ڪتابن جي المارين تائين محدود رکڻ بدران هڪ متحرڪ علمي مرڪز بڻائڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ مطالعي جا مقابلا، ڪتابن تي تبصرا، مضمون نويسي، ڪهاڻي ٻڌائڻ، ڪتابن جي تعارفي تقريبن ۽ مطالعي جي هفتيوار سرگرمين جو اهتمام ڪري سگهجي ٿو. استاد شاگردن کي ڪتابن جي چونڊ ۾ رهنمائي ڪن ۽ کين پڙهيل مواد بابت پنهنجا خيال لکڻ ۽ پيش ڪرڻ جا موقعا ڏين.والدين جو ڪردار پڻ اهم آهي. جيڪڏهن گهرن ۾ ڪتابن پڙهڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ ٻارن کي مطالعي لاءِ وقت ڏنو وڃي، ته اسڪول جي لائبريريءَ مان حاصل ٿيندڙ فائدا وڌيڪ وڌي سگهن ٿا

نتيجو: ڪتابن سان دوستي، روشن مستقبل جي ضمانت

مختصر طور، لائبريري علم، شعور، تحقيق ۽ فڪري ترقيءَ جو اهڙو مرڪز آهي، جنهن جي اهميت ڪنهن به دور ۾ گهٽجي نٿي سگهي. ڪتاب انسان کي ماضيءَ سان ڳنڍين ٿا، حال کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ مستقبل جي تعمير لاءِ نوان رستا ڏيکارين ٿا. لائبريري شاگردن ۾ مطالعي جي عادت، تخليقي سوچ، تنقيدي شعور ۽ علم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪري ٿي. اڄ جڏهن دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، تڏهن علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اهميت اڳي کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ لائبريرين کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ، ڪتابن تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن ۾ مطالعي جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان کي گهرجي ته ڪتابن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون، لائبريرين جو قدر ڪريون ۽ نئين نسل کي مطالعي ڏانهن راغب ڪريون، ڇاڪاڻ ته ڪتابن سان دوستي ڪندڙ انسان پنهنجي سوچ، علم ۽ شعور کي مسلسل وڌائيندو رهي ٿو

لائبريريءَ جي روشني رڳو ڪتابن جي صفحن تائين محدود ناهي؛ اها ذهنن کي روشن ڪري ٿي، سوچ کي وسعت ڏئي ٿي ۽ قومن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري ٿي

اسلم آزاد سمون

ترائي شهر جي ڀرسان ڳوٺ محمد ٻچل سمون ۾ڄائو

بيروزگاري واري زماني کان وٺي ڪتابن ۽ شاعري سان لنئون لاتائين

پان هن وقت 

GBHSS HAJI JUNEJO

تي استاد ۽ لائبريري جو انچارج آهي

image_20261015_161333-edited

سنڌ ۾ معياري تعليم

منور علي ميمڻ

ٻهراڙي وارن علائقن تي خاص ڌيان

معياري تعليم هڪ ترقي يافته، پرامن ۽ خوشحال معاشري جي بنياد آهي. تعليم فردن ۾ علم، صلاحيتون، خوداعتمادي، ڪردار ۽ ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪري ٿي. سنڌ لاءِ معياري تعليم جي فراهمي خاص اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ سنڌ جي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي ۽ انهن علائقن ۾ رهي ٿو، جتي تعليمي سهولتون محدود آهن.

سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ جا وسيع امڪان موجود آهن، پر شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ تعليمي سهولتن، سکيا جي موقعن، استادن جي دستيابي ۽ علمي سهائتا جي حوالي سان اڃا به وڏو فرق موجود آهي. تنهن ڪري ٻهراڙيءَ جي سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ حڪومت، تعليمي منتظمين، استادن، والدين ۽ مقامي برادرين جي اهم ترين ترجيحن مان هڪ هجڻ گهرجي

معياري تعليم: رڳو داخلا تائين محدود ناهي؛

تعليمي ترقيءَ کي رڳو اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي انگن اکرن سان ماپڻ ڪافي ناهي. اسڪول ۾ داخلا يقيناً اهم آهي، پر تعليم جو بنيادي مقصد معياري سکيا حاصل ڪرڻ آهي.هڪ معياري تعليمي نظام کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته هر ٻار روانيءَ سان پڙهي ۽ لکي سگهي، بنيادي رياضيءَ جا تصور سمجهي سگهي، اعتماد سان پنهنجي ڳالهه بيان ڪري سگهي، تنقيدي سوچ پيدا ڪري، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ۽ مثبت سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي پروان چڙهائي.اسڪولن ۾ شاگردن کي بحث، سرگرمين، عملي ڪم، گروهي سکيا، تخليقي صلاحيتن ۽ مناسب طريقي سان ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ذريعي سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. ڪلاس روم اهڙو محفوظ ۽ سازگار هنڌ هجڻ گهرجي، جتي ٻار پاڻ کي محفوظ ۽ عزت وارو محسوس ڪن، سکڻ لاءِ همٿ حاصل ڪن ۽ بنا ڪنهن خوف جي سوال پڇي سگهن

ٻهراڙيءَ جي سنڌ ۾ تعليمي چئلينج؛

سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري تعليم کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن مان هڪ اهم مسئلو اسڪولن ۾ مناسب بنيادي ڍانچي ۽ سهولتن جي کوٽ آهي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ڪلاس رومن، فرنيچر، چوديوارين، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائيءَ جي سهولتن، بجلي، لائبريرين، ليبارٽرين ۽ ٻين بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.استادن جي دستيابي ۽ سندن پيشوراڻي تربيت پڻ انتهائي اهم آهي. استاد تعليمي نظام جي ريڙهه جي هڏي آهن ۽ سندن علم، ذميواري، حاضري ۽ تدريس جون صلاحيتون سڌيءَ طرح شاگردن جي سکيا تي اثرانداز ٿين ٿيون. ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي مسلسل پيشوراڻي تربيت، علمي سهائتا ۽ مناسب تدريسي وسيلا فراهم ڪرڻ گهرجن.شاگردن جي حاضري ۽ اسڪول ڇڏڻ جو مسئلو پڻ هڪ اهم چئلينج آهي. غربت، اسڪولن کان ڊگهو فاصلو، گهريلو ذميواريون، موسمي زرعي سرگرميون ۽ تعليم بابت آگاهيءَ جي کوٽ ٻارن جي باقاعده حاضريءَ تي منفي اثر وجهي سگهن ٿا. اسڪولن ۽ مقامي برادرين کي انهن شاگردن جي سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي، جيڪي بار بار غير حاضر رهن ٿا، ۽ اسڪول ڇڏڻ کان اڳ ئي انهن لاءِ مناسب قدم کڻڻ گهرجن

ڇوڪرين جي تعليم

ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ سان خاندانن ۽ برادرين جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ٿئي ٿو.گهرن جي ويجهو اسڪول، عورت استاد، محفوظ سفري سهولتون، مناسب صفائيءَ جون سهولتون ۽ محفوظ تعليمي ماحول والدين کي پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ ۽ سندن تعليم جاري رکڻ لاءِ همٿائي سگهن ٿا. ان سان گڏ، عوامي ۽ برادريءَ جي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ پڻ ضروري آهي، جيئن والدين کي ڇوڪرين جي تعليم جي ڊگهي مدي وارن فائدن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي

استادن ۽ اسڪول جي قيادت کي مضبوط ڪرڻ

ڪو به تعليمي نظام اثرائتن استادن ۽ مضبوط اسڪول قيادت کان سواءِ معياري نتيجا حاصل نٿو ڪري سگهي. استادن کي جديد ۽ شاگرد-مرڪوز تدريسي طريقا اختيار ڪرڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي.مسلسل پيشوراڻي تربيت ۾ ڪلاس روم جي عملي تدريس، شاگردن جي جائزي، سبق جي منصوبابندي، مضمون جي ڄاڻ، هر شاگرد کي گڏ کڻي هلڻ واري تعليم ۽ تعليمي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.ساڳيءَ طرح اسڪولن جي سربراهن کي پنهنجي ادارن جي اثرائتي اڳواڻيءَ لاءِ بااختيار بڻائڻ گهرجي. انهن جي ذميوارين ۾ تدريس ۽ سکيا، شاگردن جي حاضري، استادن جي ڪارڪردگي، اسڪول جي سهولتن ۽ تعليمي ترقيءَ جي نگراني شامل هجڻ گهرجي.تعليمي نگرانيءَ جو مقصد رڳو اسڪولن جو معائنو ڪرڻ نه هجڻ گهرجي، پر ان سان گڏ رهنمائي، تربيت، مسئلن جي حل ۽ استادن کي پيشوراڻي سهائتا فراهم ڪرڻ پڻ ان جو اهم حصو هجڻ گهرجي

سکيا جي نتيجن تي ڌيان

تعليمي نظام کي شاگردن جي حقيقي سکيا جي نتيجن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. باقاعده جائزي ۽ امتحانن ذريعي استاد شاگردن جي صلاحيتن، ڪمزورين ۽ سکيا ۾ موجود خالن جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا.خاص طور تي پرائمري سطح تي بنيادي پڙهڻ، لکڻ ۽ رياضيءَ جي مهارتن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪي ٻار پڙهڻ، لکڻ ۽ رياضيءَ جون بنيادي صلاحيتون مضبوط نموني حاصل ڪن ٿا، اهي تعليم جي ايندڙ مرحلن لاءِ وڌيڪ بهتر نموني تيار ٿين ٿا.تنهن ڪري جائزو ۽ امتحان رڳو نمبر ڏيڻ لاءِ نه، پر تدريس جي طريقن کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪمزور شاگردن کي اضافي سهائتا فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن

برادريءَ جي شموليت

والدين ۽ مقامي برادرين جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اسڪول ان وقت وڌيڪ مضبوط بڻجي ٿو، جڏهن مقامي برادري ان کي پنهنجو گڏيل ادارو سمجهي.والدين ۽ استادن جون گڏجاڻيون، اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽيون، عوامي آگاهيءَ جا پروگرام ۽ مقامي ڌرين سان سهڪار شاگردن جي حاضري بهتر ڪرڻ ۽ اسڪولن ۾ جوابدهيءَ کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.والدين کي پنهنجي ٻارن جي تعليم ۾ ڀرپور سهڪار ڪرڻ ۽ سندن باقاعده حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي. مقامي برادريءَ جا اڳواڻ پڻ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن روين ۽ حالتن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جيڪي ٻارن جي اسڪول ڇڏڻ جو سبب بڻجن ٿا

اڳتي وڌڻ جو رستو

هر ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال

ٽيڪنالاجي ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ تعليم جا نوان ۽ اهم موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي. ڊجيٽل تعليمي مواد، تعليمي وڊيوز، آن لائين وسيلا ۽ ڪمپيوٽر ذريعي سکيا ڪلاس روم جي تدريس ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ شاگردن کي وسيع تعليمي وسيلن تائين رسائي فراهم ڪري سگهن ٿا.بهرحال، ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال هر اسڪول جي ضرورتن ۽ صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪرڻ گهرجي. قابلِ اعتماد بجلي، انٽرنيٽ جي سهولت، استادن جي تربيت، فني سهائتا ۽ مناسب ڊجيٽل تعليمي مواد، ٽيڪنالاجيءَ جي ڪامياب استعمال لاءِ ضروري آهن.

اسڪول ۾ بنيادي ڍانچي ۽ ضروري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي

شاگردن جي تعداد ۽ مضمونن جي ضرورت مطابق استادن جي ڀرتي ۽ مقرري ڪئي وڃي

استادن جي مسلسل پيشوراڻي تربيت کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي

مؤثر نگرانيءَ ذريعي استادن ۽ شاگردن جي حاضري بهتر بڻائي وڃي

بنيادي پڙهڻ، لکڻ ۽ رياضيءَ جي مهارتن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي

ڪمزور ۽ خطري هيٺ آيل شاگردن لاءِ مخصوص سهائتا فراهم ڪري اسڪول ڇڏڻ جو رجحان گهٽايو وڃي

محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول فراهم ڪري ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائي وڃي

اسڪول جي قيادت ۽ تعليمي نگرانيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي

مناسب ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل تعليمي وسيلا متعارف ڪرايا وڃن

والدين ۽ مقامي برادرين جي بامقصد شموليت وڌائي وڃي

تعليمي منصوبابندي ۽ وسيلن جي ورڇ لاءِ قابلِ اعتماد تعليمي انگ اکر استعمال ڪيا وڃن

شاگردن جي سکيا جي نتيجن جو باقاعده جائزو وٺي، ظاهر ٿيندڙ سکيا جي کوٽن کي دور ڪيو وڃي

نتيجو

معياري تعليم سنڌ جي مستقبل ۾ سڀ کان قيمتي سيڙپڪاري آهي. ٻهراڙيءَ جا ٻار به اوتريون ئي صلاحيتون، خواب ۽ امڪان رکن ٿا، جيترا شهري علائقن ۾ رهندڙ ٻار. انهن کي پڻ سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جا برابر موقعا ملڻ گهرجن.

اسان جو مقصد اهڙو تعليمي نظام قائم ڪرڻ هجڻ گهرجي، جنهن ۾ هر ٻار اسڪول وڃي، هر استاد اثرائتي نموني تدريس ڪري، هر اسڪول محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول فراهم ڪري ۽ هر شاگرد بامقصد سکيا جا نتيجا حاصل ڪري.

ٻهراڙيءَ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ جا فائدا رڳو ڪلاس روم تائين محدود نه رهندا. ان سان غربت گهٽجي سگهي ٿي، روزگار جا موقعا وڌي سگهن ٿا، عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو، برادرين کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ جي مجموعي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ جو مستقبل ان تعليم جي معيار سان وابسته آهي، جيڪا اسان اڄ پنهنجي ٻارن کي فراهم ڪريون ٿا. جيڪڏهن اسان عزم، جوابدهي، جدت ۽ سکيا تي واضح ڌيان سان گڏجي ڪم ڪريون، ته اسان اهڙو تعليمي نظام قائم ڪري سگهون ٿا، جيڪو سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ هر برادريءَ جي هر ٻار کي معياري تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪري.

منور علي ميمڻ 1973ع ۾ تعلقي ايس. ايف. راهو، ضلعي بدين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ترائي ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ترائي مان حاصل ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ اسلاميه ڊگري ڪاليج بدين مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسلامي ثقافت ۾ ماسٽرس ۽ قانون ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوه جي. اين. اي. ٽي. ٽي. ٽي. سي. حيدرآباد مان سي. ٽي. ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان ايم. ايڊ. جي ڊگري حاصل ڪيائين. پاڻ 1995ع کان حڪومتِ سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي

WhatsApp Image 2026-10-19 at 4.22.39 PM

شاگردن لاءِ هڪ پيغام

ڊاڪٽر سومار کوسو

وڪي پيڊيا مطابق تعليم ڄاڻ ۽ مهارت جي منتقلي ۽ اخلاقي تربيت جو نالو آهي. آئون مختلف تعليمي ادارن ۾ ويندو رهندو آهيان ۽ اڪثر اهو سوال ڪندو رهندو آهيان ته اوهان ڇو ٿا پڙهو؟ جواب ايندو آهي ته ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪجھ ٻيو ٿيڻ لاءِ. سواءِ ڪجهه ٻارن جي باقي اهو جواب نه ڏيندا آهن ته هو ماڻهو ٿيڻ لاءِ، ڪجھ بهتر ٿيڻ لاءِ انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ، پنهنجن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ، ديس سان محبت لاءِ پڙهن ٿا

ان جو سبب اهو آهي ته اسانجي ٻارڙن جا مائٽ کين ذهن ۾ اهو وجهندا آهن ته توهان کي نوڪر ٿيڻو آهي، توهان کي ڊگري حاصل ڪرڻي آهي. اسان ٻارن جي تعليم دوران منجهن تنقيدي سوچ/عقلي سوچ (Critical thinking) پيدا نه ڪندا آهيون. هنن کي سوال پڇڻ وقت ڇٻيندا آهيون. هنن کي اهڙو ڪري ڇڏيندا آهيون جيئن هو سوال نه پڇن. ان طريقي سان اسان نوڪر ته پيدا ڪري سگهون ٿا پر ڪامياب ۽ ڏاها انسان نٿا ٿي سگهن

اسان جي ادارن ۾ گهڻو تڻو سوال پڇڻ تي روڪ آهي. ٻار کي سوال پڇڻ کان روڪبو ته هن جون تخليقي صلاحيتون دٻجي وينديون. هو هن وشال ڪائنات جي ڳُجهن ۽ رازن کي سمجهڻ ڇڏي ڏيندو. اسان وٽ ٻارن کي سبق رٽائڻ تي گهڻو زور هوندو آهي پر سبق کي سمجهيو ۽ سمجهايو نه ٿو وڃي. ان طريقي جي تعليم ان ٻار کي صحيح تعليم کان وانجهيو ڇڏي

تعليم صرف ڪلاس روم جو نالو نه پر ٻاهر جي دنيا به آهي. جتي، گل ٽڙن ٿا، پکي ٻوليون ٻولين ٿا ۽ آزاد فضائن ۾ اڏامن ٿا. مڇي پاڻي ۾ تري ٿي. اسان کي پنهنجن ٻارن جي مشاهدي کي وسيع ڪرڻو آهي. ڌرتي آهي، پاڻي آهي، هوا آهي، جبل آهن، سمنڊ آهي، چنڊ ۽ تارا آهن، اهي سڀ مشاهدي کانپوءِ اسان کي وڏي ڄاڻ ڏين ٿا. اهي ماڻهو، اهي قومون جن قدرت جي انهن منظرن کي سمجهڻ جو مشاهدو ڪيو، اهي اڳتي آهن ۽ اسان سڀ وسيلا هوندي دربدر آهيون، بيوس ۽ ناڪاره آهيون

اسان وڏي فخر سان اهو چوندا آهيون ته اسانجي ڪتاب جهڙو دنيا ۾ ڪوبه ڪتاب ڪونهي. انهي ۾ قدرت جا سڀ راز لڪل آهن. بلڪل ايئن آهي، ڳالهه درست آهي. پوءِ پاڻ سائنس جي دنيا ۾ ڪو انقلاب ڇو آندو ناهي؟ ڳالهه واضح آهي ته اسان ٻيا ڪتاب ته ڇڏيو پر قرآن کي به رٽيون ٿا سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪريون. ساڳي طرح سان اسان کي به صرف طوطو ٺاهيو ٿو وڃي، اسان تجربن ۽ مشاهدن طرف نٿا وڃون

اسان اهو ٻڌي يقين ڪريو وڃون ته الائي ڪيترن سالن جا ٻڏل ٻيڙا بادشاھ پير جيلاني پاڻي مان ڪڍيا هئا. اسان انهي تي به يقين ڪريو وڃون ته شمس تبريز جي مڇي پچائڻ لاءِ سج نيزي پاند آيو هو. اهو مذهبي طرح يا عقلي طرح ممڪن ئي ڪونهي

يورپ به ڪنهن زماني ۾ هڪ اونداهي دور مان گذري رهيو هو. ڪليسا هر انهي ماڻهو پٺيان لٺ کڻيو پئي گھمندي هئي جيڪو ڪا عقل جي ڳالهه ڪري، انهن جي خيال موجب اهو سڀڪجهه مشيعتِ ايزدي جي خلاف آهي تنهنڪري اهڙو خيال پيش ڪرڻ وارو سزا جو حقدار آهي

ان کان پوءِ يورپ ۾ نشاتِ ثانيه (Renaissance) جو دور آيو 14 صدي عيسوي کان 17 صدي عيسوي تائين جنهن دوران يورپ ۾ وڏي اٿل پٿل ٿي، ڪيئي سائنسدان، آرٽسٽ، تعليمدان، معاشيات جا ۽ ٻين الائي ڪيترن شعبن جا ماهر اچي ويا، انهن سوچڻ شروع ڪيو، انهن تجربا ڪيا، نيون شيون دريافت ڪيون. اهو ان ڪري به ممڪن ٿيو جو ڪليسا ۽ رياست جي معاملن کي الڳ رکيو ويو

ان سڄي تبديلي جو سبب علم لاءِ، سچائي لاءِ قرباني هئي. اهڙي قرباني آرڪمڊيز ڏني. جنهن مهل هو واريءَ تي هڪ دائرو ڪڍي ڪو جاميٽري جو حساب ڪري رهيو هو ته ڪنهن رومن سپاھي سندس ڪنڌ تي اچي تلوار رکي ان کي چيائين ته “Pray my friend for a while, let me finish the circle. And don’t disturb my circles” يعني منهنجا دوست ڪجھ وقت دعا پڙهي وٺ جيستائين آئون گول وارو حساب ڪري وٺان ۽ منهنجو گول متان مٽائجو. اهو هو هڪ ماڻهو جو سائنس ۽ علم لاءِ چاه ۽ ويساه جو جان جي امان نه گهريائين پر پنهنجي گول کي پوري ڪرڻ جي التجا ڪيائين

وري اچجي گيليلو تي هن چيو ته سج جامد آهي ۽ ڌرتي ڦري ٿي. هن جو اهو چوڻ ۽ ڪليسا جي سزا جو اچڻ. پوءِ اچي ڪُٽي مارڻ شروع ڪيائونس. آخر انسان هو چيائين ته ڌرتي نه ٿي ڦري. ساهي ڏنائونس ته وري چيائين ته اکيون پوريان ٿو ته به مونکي ڌرتي گھمندي نظر اچي ٿي ايئن ڪٽي ڪٽي بيهوش ڪري ڇڏيائونس

جڏهن نيوٽن جي مٿان صوف اچي ڪريو ته هن سوچڻ شروع ڪيو ته اهو ڇو هيٺ ڪريو ۽ مٿي نه ويو. ان کان پوءِ هن ويهي حرڪت جا قانون جوڙيا ۽ اسان حرڪتون ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيون. چوندا وتون ته ڇو ويهي حرڪت جا قانون جوڙي اسان لاءِ ڏچو ڪيائين، صوف کڻي ڇو نه کائي ڇڏيائين

اسان کي اهڙي تعليم جي ضرورت آهي جنهن سان اسان ۾ تبديلي اچي اسان جا ذهن بيدار ٿين. معاشري ۾ تبديلي اچي. اسان وٽ هن مهل ته اهڙيون ڊگريون آهن جيڪي ڪنهن به ڪم جون ڪونهي. اسان انهن ڊگرين جا فائل کڻي وڏيرن جي درن تي صدائون هڻندا ۽ کين ڪرنشون ڪندا وتون ته ٻي نوڪري ته ڇڏي رڳو پٽيوالي وٺي ڏيو، اسان اوهان جي درن تي حاضريون ڀريندا رهنداسين

تعليم جو مقصد هرگز اهو ناهي ته اوهين پاڻ کي نه سڃاڻو، توهان پنهنجي شخصي انا کي به ڌوڙ ڪري ڇڏيو. اسان کي پنهنجي صلاحيتن کي بهتر ڪري انهن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. اسان کي هنر سکڻا پوندا. اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، ٻيڻي، ٽيڻي، چوڻي ۽ پنجوڻي

اسان جي تعليم ۾ جي عورت جو برابر حصو نه هوندو ته به اسان پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم نه ڏيئي سگهنداسون. نيپولين بوناپارٽ اهو چيو آهي ته “مونکي پڙهيل ماءُ ڏيو ته آئون اوهان کي پڙهيل قوم ڏيان.” تنهنڪري اسان کي نياڻين جي تعليم تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. عورتون اسان جي اڌ آبادي کان به وڌيڪ آهن، جي انهن کي تعليم نه ڏني وئي تڏهن به اسان ۾ تبديلي نه ايندي

استاد سقراط گهٽي گهٽي ۾ وڃي نوجوانن کي اهو ٻڌائيندو هو ته سوال پڇڻ سکو، ان سان توهان جي علم ۾ اضافو ٿيندو، مشاهدي جي گهرائي ٿيندي. توهان جا طبق روشن ٿيندا. رڳو پڙهو نه پر پروڙيو به سهي

هاڻ اسان ڏسو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي اهو اوهان جي وس آهي ته پڙهي پرکيو يا صرف پڙهي اهڙا نوڪر بڻجو جيڪي مردار آهن، جيڪي ايڏا وڏا امتحان پاس ڪري به وڏيرن جي غلامي ڪن ٿا، پنهنجن جو رت چوسين ٿا. تنهنڪري پڙهو، دل سان، پڙهو محبت ۽ محنت سان، پڙهو تحقيق لاءِ، پڙهو، تبديلي لاءِ، پڙهو ڌرتي جي مستقبل لاءِ

ڊاڪٽر سومار کوسو

هڪ بي زمين هاريءَ جو پٽ، 12 ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري پڙهيو،

مزودوري ڪري پڙهائي جي خرچ سان گڏ پنهنجي خاندان جي ڪفالت به ڪيائين

ايم بي بي ايس، سماجيات (Sociology) ۾ ماسٽرز،

ٻهراڙي جي ترقياتي رابطي (Rural Development Communication) ۾ ڊپلوما

پاڻ هن وقت صحت ۽ سماجي شعبي سان گڏ پنهنجي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪري رهيا آهن

پان هڪ زبردست اسڪول هلائي رهيا آهن جيڪو جديد سهولتن سان آراستا آهي