image_20261016_101455

ڪهڪشائن جا قسم

ڪهڪشائون مختلف شڪلين ۾ ڇو اينديون آهن؟

Types of Galaxies: Why Galaxies Come in Different Shapes

ليکڪ: مارڪ مانسيني ۽ يارا سيمون ، ترجمو؛ منظر علي نوحاڻي

فلڪياتدانن جو اندازو آهي ته اسان جي ڏسي سگهجندڙ ڪائنات ۾ لڳ ڀڳ 200 ارب ڪهڪشائون موجود آهن. پر جڏهن اسان سائنس فڪشن فلمن ۾ ٻين ڪهڪشائن کي ڏسون ٿا، ته انهن مان گهڻيون اڪثر اسان جي پنهنجي ڪهڪشان جهڙيون ئي نظر اچن ٿيون. اهو انسان جي پنهنجي تجربي کي مرڪز بڻائي سوچڻ جو هڪ مثال آهي. جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي ڪهڪشائون اسان جي ملڪي وي (Milky Way) جهڙيون آهن، پر حقيقت ۾ ڪائنات ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهڪشائون به موجود آهن، جيڪي شڪل ۽ بناوت جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن. شايد توهان اسڪولن جي سائنس جي ڪلاس رومن ۾ ملڪي وي جون تصويرون ۽ پوسٽر ضرور ڏٺا هوندا. پر شايد توهان کي اها خبر نه هجي ته اهي تصويرون ڪهڪشان جي هڪ اهم خاصيت کي صحيح تناسب سان ظاهر نٿيون ڪن. ملڪي وي کي جيڪڏهن پاسيرو ڏٺو وڃي ته اها وچ ۾ ٿوري ڦليل ۽ چوڌاري هڪ تمام پتلي ڊسڪ وانگر نظر اچي ٿي. ۽ جڏهن اسان ”پتلي“ چئون ٿا ته ان مان مراد واقعي حيران ڪندڙ حد تائين پتلي آهي. فلڪيات جي ماهر ۽ فوربز جي ليکڪا جليئن اسڪڊر موجب، ملڪي وي جي ڊسڪ لڳ ڀڳ 100,000 نوري سال ڊگهي آهي، پر ان جي ٿولهه رڳو لڳ ڀڳ 0.6 نوري سال آهي. يعني پنهنجي ڊيگهه جي ڀيٽ ۾ اها ايتري پتلي آهي، جو جيڪڏهن ان جو تناسب عام ڪاغذ جي شيٽ سان ڀيٽجي ته اهو مثال به حيران ڪندڙ لڳي ٿو.پر اچو ته ٿورو اڳتي وڌون.ملڪي وي کي منفرد بڻائيندڙ خاصيتن تي ڳالهائڻ کان اڳ، اچو ته سمجهون ته مختلف ڪهڪشائن ۾ ڪهڙيون شيون هڪجهڙيون هونديون آهن.

فهرست

  1. ڪهڪشان ڇا آهي؟
  2. ڪهڪشائن کي شڪل ڪيئن ملي ٿي؟
  3. وچئين ڦُليل حصي جو راز
  4. ٽڪرائجندڙ ڪهڪشائون
  5. چڪرائي ڪهڪشائون
  6. بيضوي ڪهڪشائون
  7. عدسي جهڙيون ڪهڪشائون
  8. بي ترتيب ڪهڪشائون

ڪهڪشان ڇا آهي؟

ڪهڪشائون ڪششِ ثقل سان هڪ ٻئي سان جڙيل تمام وڏا ۽ پيچيده نظام آهن. انهن ۾ گيس، ڪائناتي مٽي ۽ لکين، ڪروڙين، بلڪه اربين تارا به شامل ٿي سگهن ٿا. انهن تارن جي چوڌاري پنهنجا سيارا ۽ ٻيا آسماني جسم به گردش ڪندا آهن. ڪائنات ۾ موجود اربين ڪهڪشائن مان ڪيتريون ئي چڪرائي شڪل رکن ٿيون، جهڙي اسان جي ملڪي وي آهي. پر ڪهڪشائن جا ٻيا به ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ بيضوي، عدسي نما ۽ بي ترتيب ڪهڪشائون شامل آهن. ان کان علاوه ننڍيون ڪهڪشائون، جن کي Dwarf Galaxies چيو وڃي ٿو، پڻ موجود آهن. اهي عام چڪرائي يا بيضوي ڪهڪشائن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون هونديون آهن ۽ انهن ۾ تارن جو تعداد به گهٽ هوندو آهي

ڪهڪشائن کي شڪل ڪيئن ملي ٿي؟ هر ڪهڪشان جي پنهنجي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. ان جي تاريخ ۽ ارتقا جو ڪجهه حصو ان جي موجوده شڪل مان به سمجهي سگهجي ٿو. سائنسدان ڪهڪشائن کي سندن ظاهري شڪل ۽ بناوت جي بنياد تي مختلف قسمن ۾ ورهائيندا آهن. اسان جي ملڪي وي هڪ چڪرائي ڪهڪشان آهي. اها هڪ ويڪري ۽ لوڻي ڊسڪ وانگر نظر اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڦليل مرڪزي حصو موجود آهي. ڪهڪشان جي اهڙي بناوت ۾ گردش، وقت ۽ ڪششِ ثقل اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. فلڪيات جي ماهر راجا گهاٺاڪُرتا، پي ايڇ ڊي، جيڪو يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، سانتا ڪروز ۾ پروفيسر آهي ۽ ڪهڪشائن جي ارتقا تي تحقيق ڪري ٿو، چوي ٿو ته ڪهڪشائن جي ٺهڻ ۽ بناوت جي سموري طبعيات اڃا مڪمل طور تي سمجهي نه وئي آهي. عام طور تي سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪيتريون ئي چڪرائي ڪهڪشائون گيس ۽ ڪائناتي مٽيءَ جي وڏن گھمندڙ ڪڪرن مان وجود ۾ آيون. انهن ڪڪرن جي گردش جي رفتار تمام اهم هوندي آهي. گهاٺاڪُرتا موجب، وڏا ۽ تيزيءَ سان گھمندڙ ڪڪر چڪرائي ڪهڪشان بڻجڻ جا وڌيڪ امڪان رکن ٿا. ڪششِ ثقل انهن گھمندڙ ۽ بي ترتيب ڪڪرن کي آهستي آهستي هڪ لوڻي شڪل ۾ آڻيندي آهي. وقت سان گڏ گيس ۽ مٽي سڪڙندي ويندي آهي ۽ گردش جي هڪ اهم طبعي اصول، يعني زاويائي حرڪت جي بقا (Conservation of Angular Momentum) سبب، جيئن نظام سڪڙندو ويندو آهي، ان جي گردش جي رفتار وڌندي ويندي آهي. اهو عمل توهان برف تي اسڪيٽنگ ڪندڙ رانديگر ۾ به ڏسي سگهو ٿا. جڏهن اسڪيٽر پنهنجا هٿ جسم ڏانهن اندر ڇڪي ٿو ته سندس گردش جي رفتار وڌي وڃي ٿي

چڪرائي ٻانهون ڪيئن ٺهن ٿيون؟

چڪرائي ڪهڪشان کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان جي مرڪز کان ٻاهر نڪرندڙ ڊگهيون ۽ ويڙهيل ٻانهون نظر اينديون آهن. اهي ٻانهون به ڪهڪشان جي گردش ۽ ان جي اندر موجود گيس، مٽي ۽ تارن جي حرڪت سان لاڳاپيل هونديون آهن. گهاٺاڪُرتا موجب، چڪرائي ٻانهن جي بناوت ڪهڪشان جي گردش جي رفتار سان گهڻو لاڳاپو رکي ٿي. تيزيءَ سان گھمندڙ ڪهڪشائن ۾ ٻانهون ننڍيون ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته آهستي گھمندڙ ڪهڪشائن ۾ ٻانهون وڌيڪ ڊگهيون ۽ کليل هونديون آهن. هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هڪ سادو مثال ڏنو وڃي ٿو: جيڪڏهن توهان هڪ پيالي ۾ ڪافي کي هلائيندا ۽ ان ۾ ٿورو ڪريم وجهندا ته ڪريم گردش ڪندي هڪ چڪرائي نمونو ٺاهيندي. جيڪڏهن توهان ڪافي کي وڌيڪ تيزيءَ سان هلائيندا ته اهو نمونو وڌيڪ ويجهو ۽ مضبوط چڪرائي صورت اختيار ڪندو.

وچئين اُڀريل حصي جو راز؛

اسان ڏٺو ته چڪرائي ڪهڪشائون ڪيئن ٺهن ٿيون ۽ انهن جي گردش سندن ٻانهن جي بناوت تي ڪيئن اثرانداز ٿئي ٿي. پر ڪهڪشان جي وچ ۾ موجود ان ڦليل حصي جو ڇا معاملو آهي؟ چڪرائي ڪهڪشائن جي مرڪز ۾ عام طور تي تمام پراڻن تارن جو هڪ وڏو ميڙ موجود هوندو آهي. اهي تارا ڪهڪشان جي مرڪزي علائقي جي چوڌاري مختلف رخن ۾ گردش ڪندا آهن. ان مرڪزي اڀريل  حصي کي Bulge چيو ويندو آهي. ڊسڪ ۾ موجود تارا هڪ نسبتاً منظم سطح ۾ گردش ڪندا آهن، پر اڀريل حصي ۾ موجود تارن جي حرڪت وڌيڪ بي ترتيب هوندي آهي. فلڪياتدان اڃا تائين اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪهڪشائن جا اهي اڀريل  مرڪزي حصا اصل ۾ ڪيئن ٺهن ٿا. ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته اهي ڪهڪشان جي ڊسڪ کان اڳ وجود ۾ اچن ٿا، جڏهن ته ٻين نظرين موجب اهي بعد ۾ ٺهن ٿا. هاڻي تصور ڪريو ته ڪنهن ڪهڪشان ۾ ڊسڪ موجود ئي نه هجي ۽ ان جي بناوت گهڻو ڪري اڀريل مرڪزي حصي تي مشتمل هجي. اهڙي ڪهڪشان گول يا بيضوي شڪل جي نظر اچي سگهي ٿي. ان جي اندر موجود تارا ڪهڪشان جي مرڪز جي چوڌاري مختلف رخن ۾ گردش ڪندا آهن. اهڙي ڪهڪشان کي بيضوي ڪهڪشان (Elliptical Galaxy) چيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ، ڪجهه ڪهڪشائون اهڙيون به آهن، جيڪي نه چڪرائي هونديون آهن ۽ نه ئي بيضوي. انهن کي بي ترتيب ڪهڪشائون (Irregular Galaxies) چيو وڃي ٿو.

ٽڪرائجندڙ ڪهڪشائون ،ڪهڪشائن جو ٽڪر ۽ ميلاپ

خلائي دوربينن سائنسدانن کي اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهڪشائون ڏيکاريون آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي تمام ويجهو اچي چڪيون آهن يا هڪ ٻئي سان ميلاپ جي عمل مان گذري رهيون آهن. مثال طور، NGC 2207 ۽ IC 2163 نالي ٻه چڪرائي ڪهڪشائون هڪ ٻئي جي تمام ويجهو آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪششِ ثقل جي اثر سبب تبديليون ٿي رهيون آهن. اهڙن ڪهڪشائي ميلاپن دوران انهن جون اصل شڪليون بگڙجي سگهن ٿيون. آخرڪار ڪجهه اهڙا ميلاپ هڪ وڏي ۽ وڌيڪ گول، يعني بيضوي ڪهڪشان جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا. وڏيون چڪرائي ڪهڪشائون ڪڏهن ڪڏهن ننڍين ڪهڪشائن کي به پنهنجي ڪششِ ثقل جي اثر هيٺ آڻي انهن سان ميلاپ ڪنديون آهن. اسان جي پنهنجي ملڪي وي بابت به سائنسدانن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ اها اسان جي ويجهي پاڙيسري اينڊروميڊا ڪهڪشان سان ميلاپ ڪندي. موجوده سائنسي اندازن موجب اهو عمل اڄ کان لڳ ڀڳ 4 کان 5 ارب سالن جي عرصي ۾ ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ تمام ڊگهو ڪائناتي عمل هوندو، جنهن دوران ٻنهي ڪهڪشائن جي بناوت ۾ وڏيون تبديليون اينديون. سائنسدان هن ممڪنه مستقبل جي گڏيل ڪهڪشان لاءِ هڪ غير رسمي نالو ”ملڪوميڊا“ (Milkomeda) پڻ استعمال ڪندا آهن.

چڪرائي ڪهڪشائون

چڪرائي ڪهڪشان، جهڙي اسان جي پنهنجي ملڪي وي، عام طور تي هڪ مرڪزي ڦليل حصي ۽ ان مان ٻاهر نڪرندڙ چڪرائي ٻانهن تي مشتمل هوندي آهي. تارا، گيس ۽ ڪائناتي مٽي انهن ٻانهن ۾ موجود هوندا آهن ۽ گڏجي هڪ وڏي ڦرندڙ چرخي جهڙي شڪل پيدا ڪندا آهن. چڪرائي ڪهڪشائون مختلف جسامت ۽ بناوت جون ٿي سگهن ٿيون. ڪجهه ۾ ٻانهون هڪ ٻئي جي تمام ويجهو ويڙهيل هونديون آهن، جڏهن ته ٻين ۾ اهي وڌيڪ کليل ۽ ڊگهيون هونديون آهن. چڪرائي ڪهڪشائن جو هڪ اهم ذيلي قسم بار واريون چڪرائي ڪهڪشائون (Barred Spiral Galaxies) آهن. انهن ڪهڪشائن جي وچ ۾ تارن، گيس ۽ مٽي مان ٺهيل هڪ ڊگهي بار جهڙي بناوت هوندي آهي، جيڪا مرڪز مان گذرندي ٻنهي پاسن ڏانهن وڌندي آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته اهڙي مرڪزي بار جي موجودگي ڪهڪشان جي ارتقا جي هڪ خاص مرحلي سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي.

بيضوي ڪهڪشائون

بيضوي ڪهڪشائون عام طور تي هموار، گول يا بيضوي شڪل جون هونديون آهن.انهن ۾ چڪرائي ڪهڪشائن وانگر واضح ٻانهون يا پتلي ڊسڪ نظر نٿي اچي. انهن ۾ گهڻو ڪري پراڻا تارا موجود هوندا آهن، جڏهن ته گيس ۽ ڪائناتي مٽيءَ جو مقدار عام طور تي چڪرائي ڪهڪشائن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي.سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪجهه وڏيون بيضوي ڪهڪشائون ڪهڪشائن جي ٽڪر ۽ ميلاپ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون ٿي سگهن ٿيون.  ڪهڪشائن جي ڪجهه تمام وڏين ۽ روشن قسمن جو تعلق بيضوي ڪهڪشائن سان آهي. اهي اڪثر ڪهڪشائن جي وڏن جهڳٽن جي مرڪز ۾ موجود هونديون آهن. ڪهڪشائن جو جهڳٽو ڪيترين ڪهڪشائن جو اهڙو مجموعو هوندو آهي، جيڪي هڪ ٻئي جي ڪششِ ثقل سبب گڏيل نظام ۾ موجود رهن ٿيون

عدسي نما ڪهڪشائون

عدسي نما ڪهڪشائون چڪرائي ۽ بيضوي ڪهڪشائن جي وچ واري خاصيت رکن ٿيون.انهن ۾ هڪ مرڪزي ڦليل حصو، پراڻا تارا ۽ هڪ لوڻي ڊسڪ موجود هوندي آهي، پر چڪرائي ڪهڪشائن وانگر واضح چڪرائي ٻانهون موجود نه هونديون آهن. ڪجهه نظرين موجب، انهن ڪهڪشائن جون چڪرائي ٻانهون وقت سان گڏ ختم ٿي ويون آهن، جڏهن ته ٻين نظرين جو خيال آهي ته عدسي نما ڪهڪشائون ڪهڪشائن جي ميلاپ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون.

بي ترتيب ڪهڪشائون

جيئن نالي مان ظاهر ٿئي ٿو، بي ترتيب ڪهڪشائن جي ڪا واضح يا منظم شڪل نه هوندي آهي. انهن جي بي ترتيب شڪل ڪنهن ٻي ڪهڪشان جي ڪششِ ثقل يا ٻن ڪهڪشائن جي ٽڪر ۽ ميلاپ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. انهن ۾ تارن، گيس ۽ ڪائناتي مٽيءَ جي ڪا هڪجهڙي يا واضح ترتيب نظر نٿي اچي. بي ترتيب ڪهڪشائن ۾ پراڻن سان گڏ نوان ۽ نوجوان تارا به موجود ٿي سگهن ٿا.

ڇا توهان کي خبر آهي؟

لفظ Galaxy قديم يوناني لفظ ”Gala“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”کير“. اسان جي ڪهڪشان کي Milky Way ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو صاف ۽ اونداهي رات ۾ آسمان تي تارن جي هڪ ڊگهي، کير جهڙي اڇي پٽي نظر اچي ٿي. قديم زماني جي ماڻهن کي آسمان تي نظر ايندڙ اها روشن پٽي ڄڻ کير جي وهندڙ ڌار وانگر محسوس ٿيندي هئي. انهيءَ تصور مان ”Milky Way“ نالو وجود ۾ آيو.

آخر ۾

ڪائنات کي جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته هر ڪهڪشان پنهنجي اندر هڪ الڳ ڪهاڻي سمايل رکي ٿي. ڪٿي تارا چڪرائي ٻانهن ۾ گردش ڪري رهيا آهن، ڪٿي ڪهڪشائون هڪ ٻئي سان ميلاپ ڪري رهيون آهن، ته ڪٿي بي ترتيب شڪليون ڪائنات جي قديم ۽ پيچيده ارتقا جون شاهديون ڏئي رهيون آهن. اسان جي ملڪي وي به ڪائنات جي انهن اربين ڪهڪشائن مان رڳو هڪ آهي. پر اها اسان لاءِ ان ڪري خاص آهي، جو اسان جو سج، اسان جي ڌرتي ۽ اسان جي زندگي به انهيءَ ڪهڪشان جو حصو آهن. ڪائنات جي هر ڪهڪشان هڪ سوال آهي، ۽ فلڪيات ان سوال جو جواب ڳولڻ جي مسلسل ڪوشش جو نالو آهي.  ماخذ: HowStuffWorks

ڳوٺ عبدالمجيد نوحاڻيءَ ۾ جنم ورتومنظر علي نوحاڻي

GBHSS HAJI JUNEJO

مان 12 ڪلاس پاس ڪري هاڻ لاڙ يونيورسٽي ڪيمپس بدين ۾ پڙهڻ ويو آهي

Tags: No tags

One Response

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *