ڊاڪٽر سومار کوسو
وڪي پيڊيا مطابق تعليم ڄاڻ ۽ مهارت جي منتقلي ۽ اخلاقي تربيت جو نالو آهي. آئون مختلف تعليمي ادارن ۾ ويندو رهندو آهيان ۽ اڪثر اهو سوال ڪندو رهندو آهيان ته اوهان ڇو ٿا پڙهو؟ جواب ايندو آهي ته ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪجھ ٻيو ٿيڻ لاءِ. سواءِ ڪجهه ٻارن جي باقي اهو جواب نه ڏيندا آهن ته هو ماڻهو ٿيڻ لاءِ، ڪجھ بهتر ٿيڻ لاءِ انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ، پنهنجن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ، ديس سان محبت لاءِ پڙهن ٿا
ان جو سبب اهو آهي ته اسانجي ٻارڙن جا مائٽ کين ذهن ۾ اهو وجهندا آهن ته توهان کي نوڪر ٿيڻو آهي، توهان کي ڊگري حاصل ڪرڻي آهي. اسان ٻارن جي تعليم دوران منجهن تنقيدي سوچ/عقلي سوچ (Critical thinking) پيدا نه ڪندا آهيون. هنن کي سوال پڇڻ وقت ڇٻيندا آهيون. هنن کي اهڙو ڪري ڇڏيندا آهيون جيئن هو سوال نه پڇن. ان طريقي سان اسان نوڪر ته پيدا ڪري سگهون ٿا پر ڪامياب ۽ ڏاها انسان نٿا ٿي سگهن
اسان جي ادارن ۾ گهڻو تڻو سوال پڇڻ تي روڪ آهي. ٻار کي سوال پڇڻ کان روڪبو ته هن جون تخليقي صلاحيتون دٻجي وينديون. هو هن وشال ڪائنات جي ڳُجهن ۽ رازن کي سمجهڻ ڇڏي ڏيندو. اسان وٽ ٻارن کي سبق رٽائڻ تي گهڻو زور هوندو آهي پر سبق کي سمجهيو ۽ سمجهايو نه ٿو وڃي. ان طريقي جي تعليم ان ٻار کي صحيح تعليم کان وانجهيو ڇڏي
تعليم صرف ڪلاس روم جو نالو نه پر ٻاهر جي دنيا به آهي. جتي، گل ٽڙن ٿا، پکي ٻوليون ٻولين ٿا ۽ آزاد فضائن ۾ اڏامن ٿا. مڇي پاڻي ۾ تري ٿي. اسان کي پنهنجن ٻارن جي مشاهدي کي وسيع ڪرڻو آهي. ڌرتي آهي، پاڻي آهي، هوا آهي، جبل آهن، سمنڊ آهي، چنڊ ۽ تارا آهن، اهي سڀ مشاهدي کانپوءِ اسان کي وڏي ڄاڻ ڏين ٿا. اهي ماڻهو، اهي قومون جن قدرت جي انهن منظرن کي سمجهڻ جو مشاهدو ڪيو، اهي اڳتي آهن ۽ اسان سڀ وسيلا هوندي دربدر آهيون، بيوس ۽ ناڪاره آهيون
اسان وڏي فخر سان اهو چوندا آهيون ته اسانجي ڪتاب جهڙو دنيا ۾ ڪوبه ڪتاب ڪونهي. انهي ۾ قدرت جا سڀ راز لڪل آهن. بلڪل ايئن آهي، ڳالهه درست آهي. پوءِ پاڻ سائنس جي دنيا ۾ ڪو انقلاب ڇو آندو ناهي؟ ڳالهه واضح آهي ته اسان ٻيا ڪتاب ته ڇڏيو پر قرآن کي به رٽيون ٿا سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪريون. ساڳي طرح سان اسان کي به صرف طوطو ٺاهيو ٿو وڃي، اسان تجربن ۽ مشاهدن طرف نٿا وڃون
اسان اهو ٻڌي يقين ڪريو وڃون ته الائي ڪيترن سالن جا ٻڏل ٻيڙا بادشاھ پير جيلاني پاڻي مان ڪڍيا هئا. اسان انهي تي به يقين ڪريو وڃون ته شمس تبريز جي مڇي پچائڻ لاءِ سج نيزي پاند آيو هو. اهو مذهبي طرح يا عقلي طرح ممڪن ئي ڪونهي
يورپ به ڪنهن زماني ۾ هڪ اونداهي دور مان گذري رهيو هو. ڪليسا هر انهي ماڻهو پٺيان لٺ کڻيو پئي گھمندي هئي جيڪو ڪا عقل جي ڳالهه ڪري، انهن جي خيال موجب اهو سڀڪجهه مشيعتِ ايزدي جي خلاف آهي تنهنڪري اهڙو خيال پيش ڪرڻ وارو سزا جو حقدار آهي
ان کان پوءِ يورپ ۾ نشاتِ ثانيه (Renaissance) جو دور آيو 14 صدي عيسوي کان 17 صدي عيسوي تائين جنهن دوران يورپ ۾ وڏي اٿل پٿل ٿي، ڪيئي سائنسدان، آرٽسٽ، تعليمدان، معاشيات جا ۽ ٻين الائي ڪيترن شعبن جا ماهر اچي ويا، انهن سوچڻ شروع ڪيو، انهن تجربا ڪيا، نيون شيون دريافت ڪيون. اهو ان ڪري به ممڪن ٿيو جو ڪليسا ۽ رياست جي معاملن کي الڳ رکيو ويو
ان سڄي تبديلي جو سبب علم لاءِ، سچائي لاءِ قرباني هئي. اهڙي قرباني آرڪمڊيز ڏني. جنهن مهل هو واريءَ تي هڪ دائرو ڪڍي ڪو جاميٽري جو حساب ڪري رهيو هو ته ڪنهن رومن سپاھي سندس ڪنڌ تي اچي تلوار رکي ان کي چيائين ته “Pray my friend for a while, let me finish the circle. And don’t disturb my circles” يعني منهنجا دوست ڪجھ وقت دعا پڙهي وٺ جيستائين آئون گول وارو حساب ڪري وٺان ۽ منهنجو گول متان مٽائجو. اهو هو هڪ ماڻهو جو سائنس ۽ علم لاءِ چاه ۽ ويساه جو جان جي امان نه گهريائين پر پنهنجي گول کي پوري ڪرڻ جي التجا ڪيائين
وري اچجي گيليلو تي هن چيو ته سج جامد آهي ۽ ڌرتي ڦري ٿي. هن جو اهو چوڻ ۽ ڪليسا جي سزا جو اچڻ. پوءِ اچي ڪُٽي مارڻ شروع ڪيائونس. آخر انسان هو چيائين ته ڌرتي نه ٿي ڦري. ساهي ڏنائونس ته وري چيائين ته اکيون پوريان ٿو ته به مونکي ڌرتي گھمندي نظر اچي ٿي ايئن ڪٽي ڪٽي بيهوش ڪري ڇڏيائونس
جڏهن نيوٽن جي مٿان صوف اچي ڪريو ته هن سوچڻ شروع ڪيو ته اهو ڇو هيٺ ڪريو ۽ مٿي نه ويو. ان کان پوءِ هن ويهي حرڪت جا قانون جوڙيا ۽ اسان حرڪتون ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيون. چوندا وتون ته ڇو ويهي حرڪت جا قانون جوڙي اسان لاءِ ڏچو ڪيائين، صوف کڻي ڇو نه کائي ڇڏيائين
اسان کي اهڙي تعليم جي ضرورت آهي جنهن سان اسان ۾ تبديلي اچي اسان جا ذهن بيدار ٿين. معاشري ۾ تبديلي اچي. اسان وٽ هن مهل ته اهڙيون ڊگريون آهن جيڪي ڪنهن به ڪم جون ڪونهي. اسان انهن ڊگرين جا فائل کڻي وڏيرن جي درن تي صدائون هڻندا ۽ کين ڪرنشون ڪندا وتون ته ٻي نوڪري ته ڇڏي رڳو پٽيوالي وٺي ڏيو، اسان اوهان جي درن تي حاضريون ڀريندا رهنداسين
تعليم جو مقصد هرگز اهو ناهي ته اوهين پاڻ کي نه سڃاڻو، توهان پنهنجي شخصي انا کي به ڌوڙ ڪري ڇڏيو. اسان کي پنهنجي صلاحيتن کي بهتر ڪري انهن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. اسان کي هنر سکڻا پوندا. اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، ٻيڻي، ٽيڻي، چوڻي ۽ پنجوڻي
اسان جي تعليم ۾ جي عورت جو برابر حصو نه هوندو ته به اسان پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم نه ڏيئي سگهنداسون. نيپولين بوناپارٽ اهو چيو آهي ته “مونکي پڙهيل ماءُ ڏيو ته آئون اوهان کي پڙهيل قوم ڏيان.” تنهنڪري اسان کي نياڻين جي تعليم تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. عورتون اسان جي اڌ آبادي کان به وڌيڪ آهن، جي انهن کي تعليم نه ڏني وئي تڏهن به اسان ۾ تبديلي نه ايندي
استاد سقراط گهٽي گهٽي ۾ وڃي نوجوانن کي اهو ٻڌائيندو هو ته سوال پڇڻ سکو، ان سان توهان جي علم ۾ اضافو ٿيندو، مشاهدي جي گهرائي ٿيندي. توهان جا طبق روشن ٿيندا. رڳو پڙهو نه پر پروڙيو به سهي
هاڻ اسان ڏسو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي اهو اوهان جي وس آهي ته پڙهي پرکيو يا صرف پڙهي اهڙا نوڪر بڻجو جيڪي مردار آهن، جيڪي ايڏا وڏا امتحان پاس ڪري به وڏيرن جي غلامي ڪن ٿا، پنهنجن جو رت چوسين ٿا. تنهنڪري پڙهو، دل سان، پڙهو محبت ۽ محنت سان، پڙهو تحقيق لاءِ، پڙهو، تبديلي لاءِ، پڙهو ڌرتي جي مستقبل لاءِ
ڊاڪٽر سومار کوسو
هڪ بي زمين هاريءَ جو پٽ، 12 ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري پڙهيو،
مزودوري ڪري پڙهائي جي خرچ سان گڏ پنهنجي خاندان جي ڪفالت به ڪيائين
ايم بي بي ايس، سماجيات (Sociology) ۾ ماسٽرز،
ٻهراڙي جي ترقياتي رابطي (Rural Development Communication) ۾ ڊپلوما
پاڻ هن وقت صحت ۽ سماجي شعبي سان گڏ پنهنجي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪري رهيا آهن
پان هڪ زبردست اسڪول هلائي رهيا آهن جيڪو جديد سهولتن سان آراستا آهي

ڊاڪٽر صاحب جون ڪاوشون سارَهہ جوڳيون آھن،ڊاڪٽر صاحب اسان لاءِ آئيڊيل آھن.
رب پاڪ ڊاڪٽر صاحب کي آباد رکي❤️
ڊاڪٽر صاحب جون ڪاوشون ساراهہ جوڳيون آھن،ڊاڪٽر صاحب اسان لاءِ آئيڊيل آھن.
رب پاڪ ڊاڪٽر صاحب کي آباد رکي❤️