گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو ، جهوپڙيءَ کان شاندار عمارت تائين جو سفر
علي ڀاءُ
تاريخي پسمنظر ۽ علمي خطو
سنڌ جو ترائي وارو هي علائقو قديم زماني کان علم، ادب، فڪر ۽ تهذيب جو هڪ اهم مرڪز رهيو آهي. مغلن جي دور ۾ هتي طالب سمون جو هڪ ناميارو مدرسو قائم هو، جنهن جا قديم آثار ۽ مسجد جون باقيات اڄ به ترائي واري علائقي جي علمي عظمت جي شاهدي ڏين ٿيون. هن خطي جي علمي تاريخ رڳو ترائي تائين محدود نه رهي. اسڪول کان ڪجهه ڪلوميٽر اتر-اولهه طرف حافظ شاهه جو دڙو موجود آهي، جتي ماضيءَ ۾ هڪ اهم مڪتب قائم هو. اهڙيءَ ريت، اسڪول کان لڳ ڀڳ 9 ڪلوميٽر اوڀر-اتر طرف جيئي لال نالي بزرگ جي درسگاهه پڻ علم جا ڏيئا روشن ڪندي رهي.هي اهو زمانو هو، جڏهن هن سرزمين تان دريائي وهڪرا پنهنجي اوج تي وهندا هئا. اولهه طرف پٽيهل درياءُ جو وهڪرو هو، جڏهن ته اوڀر پاسي ڳٺي جو ڍورو وهندو هو. خود موجوده اسڪول جي ڀرپاسي مان به هڪ قديم دريائي وهڪرو گذرندو هو، جنهن جا امڪاني تاريخي نشان ترائي کان وٺي لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ مڇاري، ديئي، مليراهه ۽ ڪورياڻي ڍنڍن جي صورت ۾ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا
انگريزن جي پڇاڙيءَ واري زماني ۽ پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ ترائي جي ويجهوئي رپ نالي ڳوٺ ۾ حاجي اشرف ٿيٻو جي نالي سان هڪ سخي مرد نه رڳو اسڪول قائم ڪيو پر هو سندس اسڪول ۾ پڙهندڙ سوين شاگردن جو کاڌو پيتو ۽ سمورو خرچ پکو پڻ پاڻ ڀريندو هو.ڪورياڻي ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي موجود ٻڌ اسٽوپا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هن خطي ۾ ٻڌمت جي دور ۾ پڻ علم، فڪر ۽ روحاني تعليم جا مرڪز موجود رهيا هوندا
انگريز دور ۽ علائقي جون نامور شخصيتون
انگريز دور ۾ ترائي شهر ۾ هڪ باقاعده ۽ اهم مڪتب قائم هو. ان وقت رستن ۽ آمدرفت جون سهولتون اڄ جي ڀيٽ ۾ انتهائي محدود هيون، تنهن هوندي به ڪڇ، سيراڻي، ٽنڊو فضل، ڪڙيو گهنور، ڪرناڻيون، کورواهه ۽ سُک پور جهڙن ڏورانهن علائقن مان ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترائي ايندا هئا.ڪي شاگرد ترائي شهر يا ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واسطيدارن وٽ رهائش اختيار ڪندا هئا. اها ڳالهه ان دور جي ماڻهن ۾ تعليم لاءِ موجود شوق ۽ علمي شعور جي عڪاسي ڪري ٿي.ترائي جي ان علمي ماحول مان سنڌ جون ڪيتريون ئي نامور شخصيتون اڳتي وڌيون، جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ملڪ ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. انهن ۾
شهيد فاضل راهو — سنڌ جو ناميارو هاري اڳواڻ.
ڊاڪٽر سڪندر منڌرو — نامور سياستدان ۽ پارليامينٽيرين.
حڪيم عثمان کٽي — بدين جو مشهور ۽ حاذق حڪيم.
سرجن ڊاڪٽر لطيف ميمڻ — طب جي شعبي سان لاڳاپيل معروف شخصيت
.هي علمي ورثو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ترائي ۽ ان جي ڀرپاسي جو علائقو تعليم سان گهري وابستگي رکندڙ خطو رهيو آهي.
بدلجندڙ حالتون ۽ نئين اداري جي ضرورت
پاڪستان ٺهڻ سان هن شهر جا سنڀاليندڙ هوندو واپاري لڏپلاڻ ڪري ويا ، جنهن جو سڌو سنئون اثر هن شهر ۾ هلندڙ اسڪول ۽ تعليمي سرگرمين تي پيو ، ويتر جنرل ايوب جي زمانو ترائي وارن پٽن لاءِ هڪ نئون بدلاءُ کڻي آيو. ترائي جو شهر جيڪو هڪ راه وسيلي بدين، کورواه، ميرپور بٺورو جهڙن شهرن سان ڳنڍيل هو، ان کان نه رڳو انهن شهرن سان ڳنڍجڻ جو رستو کسي گم ڪيو ويو، پر گولاڙچي جي نالي سان نئون شهر اڏي ان کي بدين سجاول ، ٺٽي ۽ ڪراچي سان ملائڻ لاءِ هڪ روڊ ٺاهي هن شهر کان جياپو ئي کسي ورتو ويو. نئين ٺهيل روڊ ٻوڏن ۽ ماحولياتي تبديلن جو رستو هن تر لاءِ کوليو جنهن سبب معاشي، سماجي ۽ سياسي تبديلين هن شهر ۽ آسپاس جي زندگيءَ کي به گهڻو متاثر ڪيو. ماڻهن جي روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ لڳا. زمينون غيرآباد ٿيون، معاشي حالتون خراب ٿيون ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي روزگار جي تلاش ۾ لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.انهن تبديلين سماجي زندگيءَ تي پڻ اثر وڌو. سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ تبديلي، روزگار جي محدود موقعن ۽ نوڪرين جي اڻاٺ سبب عام ماڻهن جي تعليم سان دلچسپي به آهستي آهستي متاثر ٿيڻ لڳي
اهڙين حالتن ۾ هڪ اهڙي تعليمي اداري جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو مقامي ٻارن کي تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ جديد دور جي علمي ۽ سائنسي تقاضائن کي به پورو ڪري سگهي ۽ هن خطي جي پراڻي علمي روايت کي نئين دور سان ڳنڍي سگهي . ان ئي ضرورت جي نتيجي ۾ ڳوٺ حاجي جوڻيجو ۾ هڪ نئين تعليمي اداري جو بنياد وڌو ويو.
جهوپڙيءَ مان شروعات
هن اسڪول جي شروعات 1998واري سال ۾ ڪکن ۽ ڪانن سان ٺهيل هڪ سادي جهوپڙيءَ مان ٿي
هن اداري جو بنياد وجهندڙ ۽ پهرين استاد جي حيثيت سان سائين الهبچايو شيخ جو نالو وڏي احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس محنت ۽ عزم هن ننڍڙي اداري جي بنيادن ۾ شامل رهيو.هو اڄ به حال حيات آهي پوءِ سائين يارمحمد سراز هن اسڪول کي هلائڻ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو پر انتظامي بدليءَ سبب اسڪول کي هلائڻ جي ذميواري سائين عبدالستار ميمڻ ۽ پوءِ سائين محبوب علي رند کي هن اسڪول سنڀالڻ لاءِ بدلي ڪري رکيو ويو. اهو محبوب علي رند ئي هو جنهن هن اسڪول کي پنهنجي نوڪري واري سموري عرصي دوران پنهنجو سمورو وقت ڏنو،سندس ڏينهن رات جي محنت ۽ جفاڪشي ئي هئي جو اڄ اسين هتي هڪ شاندارو ادارو ڏسي رهيا آهيون. پر اهو ڪم رڳو اڪيلي سائين محبوب علي جي وس جي ڳالهه نه هئي ساڻس قدم قدم سان ملائي سائين نظر محمد ٺاراڻي ، سائين ڪاشف ٽالپور، محمد ڏيانگ، خادم چانگ ۽ مير مظفر ٽالپور جهڙن محنتي استادن پڻ هن علم جي شمع کي روشن رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. 1990ع واري ڏهاڪي کان 2013ع تائين اسڪول محدود وسيلن سان هلندو رهيو. شاگردن جو انگ 20، 25 ، 50 ۽ 70 ان جي آس پاس ۽ سهولتون انتهائي محدود. وقت سان گڏ پهرين بلڊنگ 2013ع ۾ ، جيڪا ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي وجود ۾ آئي. پر اها ننڍڙي عمارت اصل ۾ هڪ وڏي خواب جي شروعات هئي. 2018هيءُ اسڪول مڊل اسڪول طور سال 2013 ۾ اليمينٽري مڊل اسڪول طور اپگريڊ ٿيل هن اسڪول جي 6 ڪمرن تي مشتمل بلڊنگ 2018 ۾ جڙي ، 2018 ۾ هاءِ اسڪول طور اپگريڊ ٿيو، موجوده اسڪول جي بلڊنگ 2023 ۾ جڙي راس ٿي ۽ اسڪول هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپگريڊ ٿيو .
2014 تبديليءَ جو تاريخي موڙ
سال 2014ع هن اسڪول جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيو
اسڪول ۾ پهريون ڀيرو هڪ غير سرڪاري اداري ايڪو فرينڊس سوسائٽيءَ جي سهڪار سان ، ٻيلن جو عالمي ڏينهن غير نصابي سرگرمي طور ملهايو ويو. هي هڪ ننڍڙو قدم هو، پر ان جا اثر تمام گهڻا ۽ پري تائين ويا. پروگرام کي سوشل ميڊيا تي غيرمعمولي پذيرائي ملي. ان کان پوءِ اسڪول ۾ غير نصابي سرگرمين، سمر ڪئمپن، رنگ ڀرڻ، تخليقي سرگرمين ۽ ٻارن جي حوصله افزائي لاءِ انعامن جو سلسلو شروع ٿيو. اسڪول هاڻي رڳو ڪتابن ۽ ڪلاسن تائين محدود نه رهيو؛ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن، اعتماد ۽ شخصيت جي تعمير تي پڻ ڌيان ڏنو وڃڻ لڳو.
علم دوست ماڻهن جو ساٿ
اسڪول جي هن تبديليءَ ۾ ڪيترن ئي علم دوست ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو.ميڊم سليمه سيهواني، ڪراچي، لڳاتار ٻن سالن تائين اسڪول جي سنڀاليندڙ اقبال جوڻيجو ۽ استادن سان گڏجي اسڪول جي بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ، ان سان گڏ ڪيترائي خيرخواه ماڻهو پڻ اڳتي آيا. ڪنهن ٻارن لاءِ يونيفارم ڏنو، ڪنهن بوٽ، ڪنهن اسڪول بيگ، ته ڪنهن ڪتاب ۽ ڪاپيون فراهم ڪيون.امير منڌرو، حافظ نظاماڻي، سائين عدالرزاق مهيري ، عبدالله سراز ، سائين نظر محمد ٺآراڻي سرمد چانگ، هارون گوپانگ، محمد خان سمون، منو نجار، آزاد اسلم سمون ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن تعليم بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ، پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ اسڪول جي مختلف سرگرمين ۾ مسلسل سهڪار ڪيو.اهڙيءَ ريت هي اسڪول رڳو سرڪاري عمارت نه رهيو؛ اهو آهستي آهستي سڄي سماج جي گڏيل خواب ۾ تبديل ٿيڻ لڳو.
جهوپڙيءَ کان هائر سيڪنڊري اسڪول تائين
هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ مان شروع ٿيل هي سفر اڄ پرائمري کان مڊل، مڊل کان هاءِ ۽ هاءِ کان هائر سيڪنڊري سطح تائين پهچي چڪو آهي. اڄ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو هڪ شاندار عمارت ، آڊيٽيوريم هال، حافظ نظاماڻي لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، پارڪ ۽ جديد سهولتن سان هڪ وڏي تعليمي اداري جي صورت ۾ اسان جي سامهون موجود آهي.
مستقبل جو خواب جهوپڙيءَ کان يونيورسٽيءَ تائين؛
ڪنهن وقت ڪکن ۽ ڪانن سان ٺهيل هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ شروع ٿيل هي ادارو اڄ هزارين ٻارن جي مستقبل کي روشن ڪري رهيو آهي.هي سفر رڳو هڪ اسڪول جي عمارت جي تبديليءَ جي ڪهاڻي ناهي؛ هي عزم، محنت، سماجي سهڪار ۽ تعليم تي يقين جي ڪهاڻي آهي.
هاڻي خواب ان کان به وڏو آهي
جنهن سرزمين تي صدين کان علم جا ڏيئا ٻرندا رهيا، جتي قديم مڪتبن ۽ درسگاهن جي روايت رهي، اتي قائم هي ادارو مستقبل ۾ هڪ اهڙي اعليٰ تعليمي مرڪز جي صورت اختيار ڪري، جتي هن سڄي خطي جا ٻار جديد سائنس، تحقيق، ادب ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهن. اسان جو خواب آهي ته جهوپڙيءَ مان شروع ٿيل هي سفر هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ جي دروازن تائين پهچي. ڇو ته جڏهن هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ مان ٻه هزار ٻارن جي مستقبل جو خواب جنم وٺي سگهي ٿو، ته پوءِ منزل جي ڪا حد ناهي. جهوپڙي ننڍڙي هئي، پر خواب تمام وڏو هو ۽ اهو خواب اڄ به سفر ۾ آهي.

زبردست💓
ھي ادارو ترائي ۽ آس پاس جي رھواسين لاء علم جو ڏيئو ٿي اڀريو آهي
Masha Allah zberdast Iqbal junejo SB jhe koshish aahen kawashno aahen
Best Article!
Behtreen sir