سسئي اسلم
هيءَ ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي، ھڪ قابل ۽ اعلیٰ وقار استاد، سر حُنين حسن ميمڻ کان. سر جڏهن اسان جي اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ آيا، سر سوچيو ته، هن اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد دؤر جي گھرجن مطابق ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي. سائينءَ جي ان خواب گرمين جي موڪلن دوران تڏهن ساڀيان جو روپ ڌاريو، جڏهن نئين صبح فائونڊيشن وارن اسسٽنٽ ڪمشنر گولاڙچي محترم عاطف شفيق جي ٿورن سان اسان جي اسڪول ۾ ٻن مھينن جو مفت بنيادي ڪمپيوٽر ڪورس شروع ڪرايو. جنهن ۾ تقريبن 300 کان وڌيڪ شاگردن /شاگردياڻين داخلا ورتي.
هن ڪورس ۾ نه صرف حاجي جوڻيجو اسڪول جي شاگردن داخلا ورتي، پر ان سان گڏ هاءِ اسڪول ترائي، لکاڏنو شھيد آرمي پبلڪ اسڪول، مورجھر اسڪول ۽ لاڙ ڪئمپس يونيورسٽي جي شاگردن پڻ داخلا ورتي. نئين صبح فائونڊيشن طرفان هي ڪورس ٽن ضلعن، ٺٽه، سجاول ۽ بدين ۾ ڪرايو ويو. نئين صبح فائونڊيشن جو اصل مقصد شاگردن کي Digital Skill سيکارڻ آھي.
ڪورس مڪمل ٿيڻ تي ٽنھي ضلعن ۾ قائم ڪيل مختلف سينٽرن تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جون تقريبون ٿيون ۽ آخر ۾ 27 آگسٽ 2026 تي ھڪ ميگھا ايونٽ ٺٽي جي زم زم ڊائمنڊ ھال ۾ ٿيو. جنھن ۾ ٽنھي ضلعن ۾ قائم ڪيل سينٽرس جي شاگردن / شاگردياڻين ۽ استادن کي دعوت ڏني وئي. هن پروگرام ۾ الڳ الڳ سينٽرس تان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن /شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ۽ شيلڊس ڏنيون ويون.
27 آگسٽ صبح جو 8 وڳي اسان سڀ شاگرد ۽ استاد اسڪول پهتاسين ۽ پنهنجي اسڪول جي پرنسپال سر سيد عمران شاھ جي اڳواڻي ۾ پنهنجي منزل طرف روانا ٿياسين. رستي ۾ جڏهن اسان دولھ درياءَ خان پُل تي پھتاسين، جتان سنڌ جي سينڌ سنواريندڙ شينھن درياءَ، “سنڌو درياءَ” ڪراس ڪرڻ لڳاسين ته ان حسين منظر من موھي وڌو. سر سيد عمران پھرين سائين اسلم ۽ سائين سيد عمران شاھ سنڌو درياءَ بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته، سنڌو درياءَ چين جي علائقي تبت مان نڪري لداخ کان ٿيندو پنجاب مان گذرندو پنج نند وٽ ڀرتي ڪندڙ ندين جي شامل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ مان ٿيندو سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
ائين ئي ڳالهيون ٻڌندي، ٻڌندي اسان زم زم ڊائمنڊ ھال پھچي وياسين. پروگرام ۾ نئين صبح فائونڊيشن جو چيئرمين سر شھزاد ميمڻ، ڪمشنر حيدرآباد محترم فياض حسين عباسي ۽ ٻيا تعليم کاتي جا ضلعي ۽ تعلقہ آفيسر آيل ھئا. مختلف سينٽرس تان پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن /شاگردياڻين پنھجي جرني ٻڌائي ۽ کين آيل مھمانن ھٿان ليپ ٽاپ ۽ شيلڊس ڏنيون ويون. جڏهن پروگرام پنھنجي پڄاڻي تي پهتو ته اڃان ڪافي وقت ھو اسان وٽ. سائين وارن فيصلو ڪيو ته پاڻ وٽ وقت آھي، ان وقت جو فائدو وٺندي سنڌ جي ھڪ تاريخي ماڳ مڪلي تي ھلجي.
اسان جي بس مڪلي موڙ کان اوڀر پاسي واري روڊ طرف مڙندي سڌو عبدﷲ شاھ اصحابيءَ جي درگاھ وٽ بريڪ ڪيو. اسان عبدﷲ شاھ اصحابي جي درگاھ جي زيارت لاءِ اندر وياسين پر اسان کي چيو ويو ته فيميل کي درگاھ جي اندر وڃڻ جي اجازت ناھي. پوءِ اسان لڳل اسٽالن تان ڪجھ خريداري ڪئي ۽ ان کانپوءِ پنڌ ئي پنڌ قديم آثارن کي ڏسندي، گھمندي مرزا باقي بيگ، عيسيٰ خان ترخان ۽ مقبرن کي ڏٺوسين، جن تي گلڪاري، جاميٽري جا نقش، قرآني خطاطي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل ھو اڃان سج لھڻ ۾ ٿورو وقت ھو، ان ڪري اسان آياسين ٺٽي جي بادشاهي مسجد ڏسڻ.
هيءُ مسجد مغل بادشاھ شاھجھان اڏائي ھئي. مسجد جي اڏاوت 1643ع ۾ شروع ٿي ۽ 1648ع ۾ ٺھي راس ٿي. ھاڻي سج سڄي ڏينھن جي سفر کان پوءِ آرامي ٿي چڪو هو. اسان ٺٽي جي مشھور سوغات رٻڙي ورتي ۽ واپسي جو سفر شروع ڪيوسين. واپسي جي سفر دوران سڀني استادن ۽ ڪجھ شاگردن سڄي ڏينهن جي سفر جي حوالي سان پنهنجا، پنهنجا ويچار ونڊيا.
ائين ڳالھين ڳالھين ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي نہ ٿيو ۽ اسان واپس پنهنجي اسڪول پهتاسين، جتان ھر ڪو ھڪ ٻئي کان موڪلائيندي پنهنجي، پنهنجي گھرن طرف روانو ٿيو ھن سڄي سفر دوارن اسان جي اسڪول جي روح روان محترم سر اقبال جوڻيجي کي ياد نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. سر اقبال صبح کان وٺي رات تائين سڄو ڏينهن مسلسل رابطي ۾ هو، لنچ جو بندوبست بہ سر اقبال ڪيو ھو. سر اقبال ھڪ مثال آهي، اگر ادارن جي مالڪي ڪجي ته ڇا ڇا نٿو ڪري سگهجي
سسئي اسلم
ڪلاس نائون
تقريرون ڪندي آهي. بيسو جي پروگرام ۾ جونئير ڪئٽيگري ۾ ضلع سطع تي ٿيندڙ سنڌي تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي
سنڌي ٻولي اختياري پاران 2023ع ۾ ٿيندڙ ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو پروگرام ۾ شاھ لطيف جا بيت پڙهڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو
