سرمد کوسو
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جي ڪري مختلف وقتن تي اسان تائين تمام ڪارائتيون ايجادون پُهچنديون رهيون آهن. اُنهن ايجادن جي استعمال اسانجي زندگيءَ کي يقيناً سهنجو ڪيو آهي. اُنهن ئي ايجادن مان هڪ ايجاد موبائيل فون به آهي. جيڪا سڀ کان پهرين ”موٽرولا“ ڪمپنيءَ 1973 ۾ متعارف ڪرائي. ’جون مِچل‘ ۽ ’مارٽن ڪُوپر‘ انهيءَ فون کي متعارف ڪرائيندڙ پهريان ماڻهو هئا. ان فون جو وزن لڳ ڀڳ ٻه ڪلو گرام هو. جنهن کي ايڏو آسانيءَ سان پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ممڪن نه هو. دنيا جي پهرين موبائيل فون ڪال، 3 اپريل 1973ع تي مارٽن ڪُوپر، ڊاڪٽر جوئيل. ايس. انگيل کي ڪئي. موبائيل فون دنيا جي ماڻهن کي ايترو ويجهو ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻي موبائيل فون کانسواءِ زندگي گذارڻ جو ته تصور به نٿو ڪري سگهجي. موبائيل فون هاڻي اڄ جي بنيادي ضرورتن مان هڪ بڻجي چُڪي آهي. هاڻي ته سمارٽ فون اچي چڪا آهن، جن ذريعي اسان انٽرنيٽ استعمال ڪري سموري دنيا سان جُڙيل رهي سگهون ٿا ۽ رهُون ٿا. اڄ اسان سمارٽ فون جي مختلف اثرن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي اڄ جي شاگردن جي زندگين تي مرتب ٿي رهيا آهن. تازيءَ تحقيق موجب دنيا جا 95 سيڪڙو شاگرد موبائيل فون استعمال ڪن ٿا، جن مان 75 سيڪڙو شاگردن وٽ موبائيل فون انٽرنيٽ سان جڙيل آهي. مطلب ته اُهي سمارٽ فون استعمال ڪن ٿا. اسان ٿورو پوئتي نگاهه وجهنداسون ته اُهي ڏينهن به هئا، جڏهن موبائيل فون تعليمي ادارن ۾ کڻي اچڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي سخت منع ٿيل هئي. ڇو ته اُن وقت اِهو ئي سمجهيو ويندو هو، ته هي ٻارن جي استعمال جي شئي ناهي. هن کي بالغ عمر جا ماڻهو ئي استعمال ڪري سگهن ٿا. ڇو ته ان جا ٻارن ۽ شاگردن تي ناڪاري اثر پون ٿا. ان پسمنظر ۾ وري اڄ جي دؤر تي نظر ٿا وجهون ته قصو ئي ابتو پيو نظر اچي. اڄ ته سمارٽ فون استعمال ڪرڻ، وقت جي اهم ضرورت بڻجي پئي آهي ۽ شاگردن جي تعليمي ضرورتن لاءِ به لازمي ٿي پئي آهي
خاص طور تي ڪورونا وبا جي دؤر ۾، جڏهن تعليمي سلسلو ئي آن لائين ٿي پيو آهي، ته اُن ڪري هر شاگرد وٽ سمارٽ فون جو هجڻ به ضروري ٿي پيو آهي. هاڻي ته مختلف ادارن جا ليڪچر به آن لائين ئي هلن ٿا. امتحان ۽ انٽرويو به آن لائين ٿي ويا آهن. سو، هاڻي سمارٽ فون ذريعي ئي شاگردن جو گهڻو تَڻو تعليمي وهنوار هلڻ لڳو آهي. هر شئي جا هاڪاري توڙي ناڪاري ٻئي پاسا ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح سمارٽ فون جا فائدا به آهن، ته نقصان به! سڀ کان پهرين اسان سمارٽ فون جي هاڪاري پاسن جو ذڪر ڪريون ٿا: ــ سمارٽ فون جي استعمال سان ڪنهن به موضوع بابت معلومات حاصل ڪرڻ آسان ٿي پيو آهي. مختلف ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. دنيا جي مختلف ڪتب خانن تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪتاب ڊائون لوڊ به ڪري سگهجن ٿا ته آن لائن پڙهي به سگهجن ٿا. ــ تعليمي عمل سان لاڳاپيل مختلف ماڻهن ۽ ادارن سان رابطي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ــ سمارٽ فون ۾ اهڙيون ايپليڪيشنز اچي ويون آهن، جن ذريعي شاگرد پنهنجي تعليمي صلاحيتن ۾ واڌارو ۽ سڌارو آڻي سگهن ٿا. ــ سمارٽ فون جي استعمال سان شاگرد جديد دنيا بابت باخبر رهن ٿا. ــ مختلف اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪري سگهن ٿا. ــ نوٽس محفوظ ڪرڻ، اهم تصويرون ۽ فائل سنڀالي رکڻ، ڊڪشنري استعمال ڪرڻ ۾ به سمارٽ فون مددگار ثابت ٿئي ٿي. هاڻي سمارٽ فون جي ڪجهه ناڪاري پاسن تي نظر وجهون ٿا: ــ
سمارٽ فون ڪلاس ۾ موجود هجڻ ڪري شاگرد اڪثر پڙهائيءَ بدران فون استعمال ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿو، جنهن ۾ مختلف وڊيو گيمز يا وري سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ اڻوڻندڙ عمل آهي. ــ سمارٽ فون وسيلي شاگرد غير ضروري ۽ اڻ لاڳاپيل مواد به ڏسن ٿا. جيڪو انهن لاءِ مختلف حوالن سان نقصانڪار آهي. ــ سمارٽ فون جي گهڻي استعمال جا صحت تي به خراب اثر پون ٿا. مثال طور: نظر جو گهٽجڻ، ننڊ پوري نه ڪرڻ، چڙچڙو ٿيڻ، هر وقت مصروف رهڻ جو بهانو ڪرڻ، سماجي طور تنها ٿي وڃڻ، رشتن ناتن کي اهميت نه ڏيڻ وغيره. ــ سمارٽ فون رستي سوشل ميڊيا کي گهڻو استعمال ڪرڻ سبب غير ضروري ۽ غير مناسب ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ جهڙا عمل به ٿين ٿا. جن سان وڏو نقصان ٿئي ٿو. ــ سمارٽ فون تي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ سان غلط معلومات ۽ غير تصديق ٿيل معلومات به ملي ٿي. جنهن جو استعمال نقصانڪار آهي. ــ ڪيترائي شاگرد ڊرائيونگ دؤران به سمارٽ فون استعمال ڪندا رهندا آهن، جنهن سبب حادثن ٿيڻ جا خدشا به وڌي ٿا وڃن. اسان هي ڪجهه هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا بحث هيٺ آندا آهن. انهن کانسواءِ سمارٽ فون جا ٻيا به انيڪ فائدا توڙي نقصان آهن. مجموعي طور تي اسان ڏسون ته موبائيل فون اڄ جي اهم ضرورت آهي، انهيءَ ڪري شاگرد چاهيندا آهن ته انهن وٽ سمارٽ فون جو هجڻ لازمي آهي. جڏهن کين سمارٽ فون ملندو آهي، ته هُو خوش هوندا آهن ۽ هُو خوش هوندا آهن ته پڙهائي به بهتر انداز ۾ ڪري سگهن ٿا. بس ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته والدين ۽ استاد شاگردن جي بهتر تربيت ڪن ۽ کين سمارٽ فون جي هاڪاري استعمال لاءِ اتساهين، ته اهو اسان جي سماج لاءِ لاڀائتو ٿيندو
سرمد کوسو
جنم ؛ ڳوٺ ڊاڪٽر سومار کوسو
تعليم ايم ايڊ ڪيمسٽري
پيشو استاد
