گورنمینٹ بوائزبائرسیکنڈری اسکول حاجی جوتیجو مین (1)

گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجي جو نياڻين جي تعليم ۾ ڪردار

نياڻين جي تعليم

نظر محمد ٺاراڻي

سڌريل ۽ باشعور معاشرن ۾ ڇوڪرن جي تعليم سان گڏ نياڻين جي تعليم کي به برابر اهميت ڏني ويندي آهي، ڇو ته ڪنهن به سماج جي حقيقي ترقي ان وقت ممڪن آهي، جڏهن ان سماج جون نياڻيون به تعليم جي زيور سان آراسته هجن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾، جتي اڄ به نياڻين جي تعليم کي ڪيترن ئي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اتي اهڙا ادارا ۽ ماڻهو انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪي تعليم کي رڳو اسڪول جي چوديواري تائين محدود نه رکندا آهن، پر ان کي سماجي تبديليءَ جو ذريعو بڻائيندا آهن. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جي ڳوٺاڻن ڪيترائي سال اڳ اهو فيصلو ڪيو ته نياڻين جي تعليم لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ان وقت اسڪول هڪ ننڍڙي جھوپڙي ۾ صرف ٻن ڪمرن تي مشتمل هو. انهن ٻن ڪمرن مان هڪ ڪمرو نياڻين جي تعليم لاءِ مخصوص ڪيو ويو. ان مقصد لاءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ الڳ فيميل استاد مقرر ڪئي، جنهن جي پگهار پڻ ڳوٺاڻا گڏجي ادا ڪندا هئا. اهو ننڍڙو قدم، حقيقت ۾، نياڻين جي تعليم جي هڪ وڏي تحريڪ جي شروعات هئي

وقت گذرندو ويو ۽ اسڪول جڏهن مڊل سطح تي پهتو ته سرڪاري سطح تي هڪ فيميل جي ايس ٽي استاد، ميڊم مڪل شاهه، کي اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. ميڊم مڪل شاهه ان وقت پاڻ گاڏي هلائي بدين کان اسڪول تائين پهچندي هئي. هن نه رڳو اسڪول ۾ پنهنجون تدريسي ذميواريون نڀايون، پر گهر گهر وڃي والدين کي نياڻين جي تعليم جي اهميت بابت آگاهي پڻ ڏني. هڪ ليڊي ٽيچر جي اسڪول ۾ موجودگيءَ سان علائقي جي والدين جو اعتماد وڌيو ۽ نياڻين جي انرولمينٽ ۾ پڻ خاطرخواهه اضافو ٿيو. جڏهن اسڪول سيڪنڊري سطح تي پهتو ته ڪيترين ئي نياڻين ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي، پر سندن اڳيان هڪ وڏو مسئلو موجود هو. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا بورڊ جا امتحان ڏيڻ لاءِ کين شهيد فاضل راهو، يعني گولاڙچي، وڃڻو پوندو هو. علائقي جي اڪثر والدين جي معاشي حالت اهڙي نه هئي، جو هو پنهنجي نياڻين کي شهر تائين کڻي وڃي سگهن. اضافي سفري خرچ(ڪرائي)، ۽ ٻين مسئلن سبب ڪيتريون ئي نياڻيون، باوجود ان جي ته هو امتحان ڏيڻ جي اهل هيون، بورڊ جي امتحان کان رهجي وينديون هيون

هن انتهائي اهم مسئلي کي محسوس ڪندي، اقبال جوڻيجو ۽ سندس ٽيم اهو فيصلو ڪيو ته اسڪول کي بورڊ جي امتحاني مرڪز جو درجو ڏياريو وڃي، جيئن نه رڳو پنهنجي اسڪول، پر آس پاس جي ٻين اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ خاص طور تي نياڻين کي شهر وڃڻ جي اضافي خرچن، سفري تڪليفن ۽ ٻين پريشانين کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. آخرڪار، 2023ع ۾ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو کي بورڊ جي امتحاني مرڪز جو درجو مليو. ان فيصلي جو سڀ کان وڏو فائدو نياڻين کي ٿيو. ان ئي سال ڪلاس نائين ۽ ڏهين جون 50 کان وڌيڪ نياڻيون ترائي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي ئي علائقي ۾ بورڊ جا امتحان ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيون. اهو رڳو هڪ امتحاني مرڪز قائم ٿيڻ جو واقعو نه هو، پر ڪيترين ئي نياڻين لاءِ تعليم جو سفر جاري رکڻ جو نئون دروازو کليو

انهيءَ سلسلي کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي، اسڪول ۾ نياڻين لاءِ عزت ڀريو، محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ خاطر فيميل ٽيچرز جي مقرري سان گڏ الڳ گرلز پورشن پڻ قائم ڪيو ويو، جيئن نياڻيون بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. ميٽرڪ کان پوءِ هڪ ٻيو وڏو مسئلو سامهون آيو. جيڪي نياڻيون ميٽرڪ پاس ڪري رهيون هيون، انهن جا ڪيترائي والدين غربت ۽ معاشي تنگدستيءَ سبب کين گولاڙچي يا بدين موڪلي انٽرميڊيئيٽ تائين تعليم جاري رکڻ جي سگهه نه رکندا هئا. اهڙي صورتحال ۾ نياڻين جي تعليم جو سفر ميٽرڪ تي ئي رڪجي وڃڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو

ان مسئلي کي محسوس ڪندي، اقبال جوڻيجو ۽ اسڪول انتظاميا پاران اسڪول کي هائر سيڪنڊري سطح تائين اپگريڊ ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ 2024ع ۾ اسڪول کي هائر سيڪنڊري جو درجو مليو. ان سان گڏ بورڊ جا امتحاني مرڪز پڻ اسڪول ۾ ئي قائم ڪرايا ويا. نتيجي طور، گذريل ٻن سالن دوران 40 کان وڌيڪ نياڻيون انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪري چڪيون آهن. هيءَ ڪاميابي ان ڳالهه جو روشن ثبوت آهي ته جيڪڏهن نياڻين کي مناسب ماحول، سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو ڪنهن به ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿيون

تعليم کي جديد دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نياڻين کي بنيادي ڪمپيوٽر اسڪلز سيکارڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو. بدين سافٽويئر هائوس جي تعاون ۽ سر حنين حسن ميمڻ جي ڪوششن سان اسڪول ۾ ٽن مهينن جو ڪمپيوٽر ڪورس ڪرايو ويو، جنهن ۾ نياڻين پڻ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.انهيءَ سلسلي کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي، هن سال اونهاري جي موڪلن دوران نئي صبح فائونڊيشن جي سهڪار سان سمر ڪيمپ ۾ ڪمپيوٽر ڪورس ڪرايو ويو، جنهن ۾ ترائي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 50 کان وڌيڪ نياڻين ڪاميابيءَ سان ڪورس مڪمل ڪيو. ان ڪورس ۾ نجمه ڪوريجو ٻي ۽ عاليه ڪنڀار ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. سندن شاندار ڪارڪردگيءَ جي مڃتا طور نئي صبح فائونڊيشن پاران بدين، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ٻارڙن لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ ڪمشنر حيدرآباد پاران کين ليپ ٽاپ انعام طور ڏنا ويا

نياڻين جي شاندار ڪارڪردگيءَ جو هڪ ٻيو روشن مثال هن سال 14 آگسٽ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيل ضلعي سطح جي مقابلن ۾ سامهون آيو، جتي اسڪول جي شاگردياڻي عروسا بتول تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. اها ڪاميابي نه رڳو ان شاگردياڻي جي ذاتي محنت جو نتيجو آهي، پر نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول انتظاميا، استادن، والدين ۽ علائقي جي باشعور ماڻهن جي گڏيل ڪوششن جو پڻ ثمر آهي. گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جو سفر هڪ ننڍڙي جھوپڙي جي ٻن ڪمرن کان شروع ٿي اڄ هائر سيڪنڊري سطح تائين پهتو آهي. پر هن سفر جي هڪ اهم ۽ خوبصورت ڪهاڻي نياڻين جي تعليم سان جڙيل آهي؛ اهڙي تعليم، جنهن لاءِ ڳوٺاڻن پنهنجي وس آهر شروعات ڪئي، استادن پنهنجي محنت سان ان کي اڳتي وڌايو، اقبال جوڻيجو ۽ سندس ٽيم عملي قدم کنيا، ۽ اسڪول انتظاميا ان سفر کي مسلسل جاري رکيو.اڄ اسڪول ۾ نياڻين لاءِ تعليمي، محفوظ ۽ باوقار ماحول موجود آهي. نياڻيون ميٽرڪ کان اڳتي وڌي انٽر تائين تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، بورڊ جا امتحان پنهنجي ئي علائقي ۾ ڏئي رهيون آهن، جديد دور جي گهرجن مطابق ڪمپيوٽر اسڪلز سکي رهيون آهن ۽ مختلف تعليمي ۽ هم نصابي مقابلن ۾ ڪاميابيون ماڻينديون پيون وڃن

اقبال جوڻيجو ۽ اسڪول انتظاميا نياڻين جي تعليم جي اڳڀرائي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن. يقيناً، اهڙين مسلسل ۽ گڏيل ڪوششن جا اثر رڳو اڄ تائين محدود نه رهندا، پر ايندڙ نسلن تائين پهچندا. تعليم يافته نياڻيون ئي تعليم يافته خاندانن، باشعور معاشرن ۽ مضبوط مستقبل جو بنياد بڻجن ٿيون. ميد آهي ته گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جي نياڻين جي تعليم لاءِ شروع ڪيل هي سفر اڳتي به جاري رهندو ۽ ان جا ڏور رس اثر سڄي علائقي تي پوندا، جتي نياڻيون نه رڳو تعليم جي ميدان ۾، پر سماجي، معاشي ۽ عملي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳڀريون نظر اينديون

نظرمحمد ٺاراڻي

ترائي لڳ ويءَ مڪان ڳوٺ ۾ ڄائو، شروعاتي تعليم ترائي هاءِ اسڪول مان ورتي هاڻ
GBHSS HAJI JUNEJO

تي بطور محنتي استاد جي پنهنجون خدمتون ڏئي رهيو آهي

gallery_image_20261017_093815-edited

گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو

جهوپڙيءَ کان روشن مستقبل تائين علم، عزم ۽ گڏيل خواب جو سفر

اقبال جوڻيجو

تعليم رڳو ڪتابن ۾ لکيل لفظن کي پڙهڻ يا امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اها انسان جي سوچ، شعور، ڪردار ۽ مستقبل کي سنوارڻ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو آهي. ڪنهن به سماج جي حقيقي ترقيءَ جو اندازو ان جي عمارتن جي اوچائيءَ مان نه، پر ان جي تعليمي ادارن مان اڀرندڙ روشن ذهنن ۽ باشعور نسلن مان لڳائي سگهجي ٿو.مون لاءِ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو رڳو هڪ تعليمي ادارو نه، پر هڪ خواب، هڪ ذميواري ۽ هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن جي شروعات ڪکن ۽ ڪانن سان ٺهيل هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ مان ٿي ۽ جيڪو اڄ هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي روشن مستقبل سان وابسته آهي. هن اداري جي تاريخ اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته جيڪڏهن نيت نيڪ، ارادا مضبوط ۽ مقصد اعليٰ هجن، ته محدود وسيلا به وڏين ڪاميابين جي راهه روڪي نٿا سگهن.هن اسڪول جي ترقيءَ پٺيان باني استادن جي محنت، موجوده استادن جي لگن، شاگردن جي جاکوڙ، والدين جي اعتماد ۽ علم دوست ماڻهن جي سهڪار جو وڏو حصو آهي. مان انهن سڀني شخصيتن ۽ ساٿين کي دل جي گهراين سان خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، جن هن اداري جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو وقت، صلاحيتون ۽ وسيلا وقف ڪيا. خاص طور تي استادن جي محنت ۽ قربانين کي ساراهڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اسڪول جي اصل طاقت ان جي عمارت نه، پر ان جا استاد ۽ انهن جي تربيت هيٺ پلجندڙ شاگرد هوندا آهن

منهنجي نظر ۾ اسڪول جي سنڀال ۽ ترقي رڳو انتظامي ذميواري ناهي، پر هڪ اخلاقي ۽ سماجي فرض پڻ آهي. انهيءَ ڪري، پنهنجي مصروفيتن باوجود اسڪول سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ، استادن ۽ شاگردن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ والدين سان ڳالهه ٻولهه ذريعي سندن راين ۽ ضرورتن کي سمجهڻ کي مان پنهنجي ذميواريءَ جو اهم حصو سمجهان ٿو. منهنجو يقين آهي ته بهترين تعليمي ماحول تڏهن ئي پيدا ٿيندو، جڏهن انتظاميا، استاد، والدين ۽ شاگرد هڪ گڏيل مقصد لاءِ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا. اسان جي ڪوشش آهي ته هي ادارو جديد تعليمي گهرجن سان هم آهنگ ٿئي، جتي روايتي علمي قدرن سان گڏ سائنسي سوچ، تحقيق، تخليقي صلاحيتن، ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ، اخلاقي تربيت ۽ تنقيدي شعور کي به هٿي ملي. اسان چاهيون ٿا ته هتان تعليم حاصل ڪندڙ ٻار رڳو پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي خاندان، سماج، سنڌ ۽ ملڪ لاءِ به مثبت ڪردار ادا ڪندڙ شهري بڻجن. انهيءَ مقصد ڏانهن هڪ اهم قدم اسڪول جي هن ڊجيٽل ۽ آنلائين ميگزين جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. هي ميگزين رڳو سرگرمين ۽ ڪاميابين جو رڪارڊ نه هوندو، پر شاگردن جي لکڻين، تخليقي صلاحيتن، خيالن ۽ خوابن جي اظهار جو هڪ کليل پليٽ فارم پڻ بڻجندو. مون کي اميد آهي ته هيءُ ذريعو استادن جي علمي ڪاوشن کي اجاگر ڪرڻ، والدين سان رابطي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسڪول جي مثبت سڃاڻپ کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو

اسان جو خواب هن موجوده ڪاميابيءَ تي ختم نٿو ٿئي. اسان چاهيون ٿا ته اڄ هن اداري ۾ پڙهندڙ ٻار سڀاڻي جا ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، محقق، ليکڪ ۽ ذميوار اڳواڻ بڻجن. اسان جو خواب آهي ته علم جي اها شمع، جيڪا هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ روشن ٿي هئي، سا اڃا وڌيڪ روشني پکيڙي ۽ هڪ ڏينهن هي ادارو اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي هڪ وڏي مرڪز جي صورت اختيار ڪري. جهوپڙي ننڍڙي هئي، پر خواب تمام وڏو هو، ۽ اهو خواب اڄ به سفر ۾ آهي. اچو ته گڏجي ان خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ڇاڪاڻ ته تعليم تي ڪيل سيڙپڪاري دراصل ايندڙ نسلن جي مستقبل تي ڪيل سيڙپڪاري آهي

اقبال جوڻيجو
سنڀاليندڙ
گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو

Gemini_Generated_Image_83mf0083mf0083mf

جهوپڙي ننڍڙي هئي، پر خواب تمام وڏو هو۽ اهو خواب اڄ به سفر ۾ آهي

گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو ، جهوپڙيءَ کان شاندار عمارت تائين جو سفر           

علي ڀاءُ

تاريخي پسمنظر ۽ علمي خطو

سنڌ جو ترائي وارو هي علائقو قديم زماني کان علم، ادب، فڪر ۽ تهذيب جو هڪ اهم مرڪز رهيو آهي. مغلن جي دور ۾ هتي طالب سمون جو هڪ ناميارو مدرسو قائم هو، جنهن جا قديم آثار ۽ مسجد جون باقيات اڄ به ترائي واري علائقي جي علمي عظمت جي شاهدي ڏين ٿيون. هن خطي جي علمي تاريخ رڳو ترائي تائين محدود نه رهي. اسڪول کان ڪجهه ڪلوميٽر اتر-اولهه طرف حافظ شاهه جو دڙو موجود آهي، جتي ماضيءَ ۾ هڪ اهم مڪتب قائم هو. اهڙيءَ ريت، اسڪول کان لڳ ڀڳ 9 ڪلوميٽر اوڀر-اتر طرف جيئي لال نالي بزرگ جي درسگاهه پڻ علم جا ڏيئا روشن ڪندي رهي.هي اهو زمانو هو، جڏهن هن سرزمين تان دريائي وهڪرا پنهنجي اوج تي وهندا هئا. اولهه طرف پٽيهل درياءُ جو وهڪرو هو، جڏهن ته اوڀر پاسي ڳٺي جو ڍورو وهندو هو. خود موجوده اسڪول جي ڀرپاسي مان به هڪ قديم دريائي وهڪرو گذرندو هو، جنهن جا امڪاني تاريخي نشان ترائي کان وٺي لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ مڇاري، ديئي، مليراهه ۽ ڪورياڻي ڍنڍن جي صورت ۾ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا

انگريزن جي پڇاڙيءَ واري زماني ۽ پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ ترائي جي ويجهوئي رپ نالي ڳوٺ ۾ حاجي اشرف ٿيٻو جي نالي سان هڪ سخي مرد نه رڳو اسڪول قائم ڪيو پر هو سندس اسڪول ۾ پڙهندڙ سوين شاگردن جو کاڌو پيتو ۽ سمورو خرچ پکو پڻ پاڻ ڀريندو هو.ڪورياڻي ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي موجود ٻڌ اسٽوپا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هن خطي ۾ ٻڌمت جي دور ۾ پڻ علم، فڪر ۽ روحاني تعليم جا مرڪز موجود رهيا هوندا


انگريز دور ۽ علائقي جون نامور شخصيتون

انگريز دور ۾ ترائي شهر ۾ هڪ باقاعده ۽ اهم مڪتب قائم هو. ان وقت رستن ۽ آمدرفت جون سهولتون اڄ جي ڀيٽ ۾ انتهائي محدود هيون، تنهن هوندي به ڪڇ، سيراڻي، ٽنڊو فضل، ڪڙيو گهنور، ڪرناڻيون، کورواهه ۽ سُک پور جهڙن ڏورانهن علائقن مان ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترائي ايندا هئا.ڪي شاگرد ترائي شهر يا ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واسطيدارن وٽ رهائش اختيار ڪندا هئا. اها ڳالهه ان دور جي ماڻهن ۾ تعليم لاءِ موجود شوق ۽ علمي شعور جي عڪاسي ڪري ٿي.ترائي جي ان علمي ماحول مان سنڌ جون ڪيتريون ئي نامور شخصيتون اڳتي وڌيون، جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ملڪ ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. انهن ۾

شهيد فاضل راهو — سنڌ جو ناميارو هاري اڳواڻ.
ڊاڪٽر سڪندر منڌرو — نامور سياستدان ۽ پارليامينٽيرين.
حڪيم عثمان کٽي — بدين جو مشهور ۽ حاذق حڪيم.
سرجن ڊاڪٽر لطيف ميمڻ — طب جي شعبي سان لاڳاپيل معروف شخصيت
.هي علمي ورثو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ترائي ۽ ان جي ڀرپاسي جو علائقو تعليم سان گهري وابستگي رکندڙ خطو رهيو آهي.

بدلجندڙ حالتون ۽ نئين اداري جي ضرورت

پاڪستان ٺهڻ سان هن شهر جا سنڀاليندڙ هوندو واپاري لڏپلاڻ ڪري ويا ، جنهن جو سڌو سنئون اثر هن شهر ۾ هلندڙ اسڪول ۽ تعليمي سرگرمين تي پيو ، ويتر جنرل ايوب جي زمانو ترائي وارن پٽن لاءِ هڪ نئون بدلاءُ کڻي آيو. ترائي جو شهر جيڪو هڪ راه وسيلي بدين، کورواه، ميرپور بٺورو جهڙن شهرن سان ڳنڍيل هو، ان کان نه رڳو انهن شهرن سان ڳنڍجڻ جو رستو کسي گم ڪيو ويو، پر گولاڙچي جي نالي سان نئون شهر اڏي ان کي بدين سجاول ، ٺٽي  ۽ ڪراچي سان ملائڻ لاءِ  هڪ روڊ ٺاهي هن شهر کان جياپو ئي کسي ورتو ويو. نئين ٺهيل روڊ ٻوڏن ۽ ماحولياتي تبديلن جو رستو هن تر لاءِ کوليو جنهن سبب معاشي، سماجي ۽ سياسي تبديلين هن شهر ۽ آسپاس  جي زندگيءَ کي به گهڻو متاثر ڪيو. ماڻهن جي روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ لڳا. زمينون غيرآباد ٿيون، معاشي حالتون خراب ٿيون ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي روزگار جي تلاش ۾ لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.انهن تبديلين سماجي زندگيءَ تي پڻ اثر وڌو. سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ تبديلي، روزگار جي محدود موقعن ۽ نوڪرين جي اڻاٺ سبب عام ماڻهن جي تعليم سان دلچسپي به آهستي آهستي متاثر ٿيڻ لڳي

اهڙين حالتن ۾ هڪ اهڙي تعليمي اداري جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو مقامي ٻارن کي تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ جديد دور جي علمي ۽ سائنسي تقاضائن کي به پورو ڪري سگهي ۽ هن خطي جي پراڻي علمي روايت کي نئين دور سان ڳنڍي سگهي .  ان ئي ضرورت جي نتيجي ۾ ڳوٺ حاجي جوڻيجو ۾ هڪ نئين تعليمي اداري جو بنياد وڌو ويو.

جهوپڙيءَ مان شروعات

هن اسڪول جي شروعات 1998واري سال ۾ ڪکن ۽ ڪانن سان ٺهيل هڪ سادي جهوپڙيءَ مان ٿي

هن اداري جو بنياد وجهندڙ ۽ پهرين استاد جي حيثيت سان سائين الهبچايو شيخ جو نالو وڏي احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس محنت ۽ عزم هن ننڍڙي اداري جي بنيادن ۾ شامل رهيو.هو اڄ به حال حيات آهي پوءِ سائين يارمحمد سراز هن اسڪول کي هلائڻ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو پر انتظامي بدليءَ سبب اسڪول کي هلائڻ جي ذميواري سائين عبدالستار ميمڻ ۽ پوءِ سائين محبوب علي رند کي هن اسڪول سنڀالڻ لاءِ بدلي ڪري رکيو ويو. اهو محبوب علي رند ئي هو جنهن هن اسڪول کي پنهنجي نوڪري واري سموري عرصي دوران پنهنجو سمورو وقت ڏنو،سندس  ڏينهن رات جي محنت ۽ جفاڪشي ئي هئي جو اڄ اسين هتي هڪ شاندارو ادارو ڏسي رهيا آهيون. پر اهو ڪم رڳو اڪيلي سائين محبوب علي جي وس جي ڳالهه نه هئي ساڻس قدم قدم سان ملائي  سائين نظر محمد ٺاراڻي ، سائين ڪاشف ٽالپور، محمد ڏيانگ،  خادم چانگ  ۽ مير مظفر ٽالپور جهڙن محنتي استادن پڻ هن علم جي شمع کي روشن رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. 1990ع واري ڏهاڪي کان 2013ع تائين اسڪول محدود وسيلن سان هلندو رهيو. شاگردن جو انگ 20، 25 ، 50 ۽ 70  ان جي آس پاس ۽ سهولتون انتهائي محدود. وقت سان گڏ پهرين بلڊنگ 2013ع ۾ ، جيڪا ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي  وجود ۾ آئي. پر اها ننڍڙي عمارت اصل ۾ هڪ وڏي خواب جي شروعات هئي. 2018هيءُ اسڪول مڊل اسڪول طور سال  2013  ۾ اليمينٽري مڊل اسڪول طور اپگريڊ ٿيل هن اسڪول جي 6 ڪمرن تي مشتمل بلڊنگ 2018 ۾  جڙي ، 2018 ۾ هاءِ اسڪول طور اپگريڊ ٿيو، موجوده اسڪول جي بلڊنگ 2023 ۾ جڙي راس ٿي ۽ اسڪول هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپگريڊ ٿيو .

2014 تبديليءَ جو تاريخي موڙ

سال 2014ع هن اسڪول جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيو

اسڪول ۾ پهريون ڀيرو هڪ غير سرڪاري اداري ايڪو فرينڊس سوسائٽيءَ جي سهڪار سان ، ٻيلن جو عالمي ڏينهن غير نصابي سرگرمي طور ملهايو ويو. هي هڪ ننڍڙو قدم هو، پر ان جا اثر تمام گهڻا ۽ پري تائين ويا. پروگرام کي سوشل ميڊيا تي غيرمعمولي پذيرائي ملي. ان کان پوءِ اسڪول ۾ غير نصابي سرگرمين، سمر ڪئمپن،  رنگ ڀرڻ، تخليقي سرگرمين ۽ ٻارن جي حوصله افزائي لاءِ انعامن جو سلسلو شروع ٿيو. اسڪول هاڻي رڳو ڪتابن ۽ ڪلاسن تائين محدود نه رهيو؛ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن، اعتماد ۽ شخصيت جي تعمير تي پڻ ڌيان ڏنو وڃڻ لڳو.

علم دوست ماڻهن جو ساٿ

اسڪول جي هن تبديليءَ ۾ ڪيترن ئي علم دوست ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو.ميڊم سليمه سيهواني، ڪراچي، لڳاتار ٻن سالن تائين اسڪول جي سنڀاليندڙ اقبال جوڻيجو ۽ استادن سان گڏجي اسڪول جي بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ، ان سان گڏ ڪيترائي خيرخواه ماڻهو پڻ اڳتي آيا. ڪنهن ٻارن لاءِ يونيفارم ڏنو، ڪنهن بوٽ، ڪنهن اسڪول بيگ، ته ڪنهن ڪتاب ۽ ڪاپيون فراهم ڪيون.امير منڌرو، حافظ نظاماڻي، سائين عدالرزاق مهيري ، عبدالله سراز ، سائين نظر محمد ٺآراڻي سرمد چانگ، هارون گوپانگ، محمد خان سمون، منو نجار، آزاد اسلم سمون ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن تعليم بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ، پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ اسڪول جي مختلف سرگرمين ۾ مسلسل سهڪار ڪيو.اهڙيءَ ريت هي اسڪول رڳو سرڪاري عمارت نه رهيو؛ اهو آهستي آهستي سڄي سماج جي گڏيل خواب ۾ تبديل ٿيڻ لڳو.

جهوپڙيءَ کان هائر سيڪنڊري اسڪول تائين

هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ مان شروع ٿيل هي سفر اڄ پرائمري کان مڊل، مڊل کان هاءِ ۽ هاءِ کان هائر سيڪنڊري سطح تائين پهچي چڪو آهي. اڄ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو هڪ شاندار عمارت ، آڊيٽيوريم هال، حافظ نظاماڻي لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، پارڪ ۽ جديد سهولتن سان هڪ وڏي تعليمي اداري جي صورت ۾ اسان جي سامهون موجود آهي.

مستقبل جو خواب جهوپڙيءَ کان يونيورسٽيءَ تائين؛

ڪنهن وقت ڪکن ۽ ڪانن سان ٺهيل هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ شروع ٿيل هي ادارو اڄ هزارين ٻارن جي مستقبل کي روشن ڪري رهيو آهي.هي سفر رڳو هڪ اسڪول جي عمارت جي تبديليءَ جي ڪهاڻي ناهي؛ هي عزم، محنت، سماجي سهڪار ۽ تعليم تي يقين جي ڪهاڻي آهي.

هاڻي خواب ان کان به وڏو آهي

جنهن سرزمين تي صدين کان علم جا ڏيئا ٻرندا رهيا، جتي قديم مڪتبن ۽ درسگاهن جي روايت رهي، اتي قائم هي ادارو مستقبل ۾ هڪ اهڙي اعليٰ تعليمي مرڪز جي صورت اختيار ڪري، جتي هن سڄي خطي جا ٻار جديد سائنس، تحقيق، ادب ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهن. اسان جو خواب آهي ته جهوپڙيءَ مان شروع ٿيل هي سفر هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ جي دروازن تائين پهچي. ڇو ته جڏهن هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ مان ٻه هزار ٻارن جي مستقبل جو خواب جنم وٺي سگهي ٿو، ته پوءِ منزل جي ڪا حد ناهي. جهوپڙي ننڍڙي هئي، پر خواب تمام وڏو هو ۽ اهو خواب اڄ به سفر ۾ آهي.


علي ڀاءُ ( شاهه علي نوحاڻي)

ڳوٺ عبدالمجيد نوحاڻي

هن اسڪول تان ٽيچر طور رٽائرڊ ٿيو ڪهاڻيون

تاريخ ۽ آرڪيالاجي تي آرٽيڪل ، فوٽوگرافي ۽ وڊيو گرافي